اسلام آباد – 07 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستاني قوم، سيڪيورٽي فورسز ۽ فوج دهشتگردي جو جهڙي طرح مقابلو دنيا ۾ ان جو ڪٿي به مثال ??ه ٿو ملي، حڪومت، فوج ۽ عوام گڏجي ٻيهر دهشتگردي جو مقابلو ڪندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ليڊي ريڊنگ اسپتال ??شاور ۾ پوليس لائينز ڌ??اڪ?? جي زخمين جي عيادت جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو. ايو??ن صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڌ??اڪ?? جي زخمين جي احوال بابت طبي عملي ۽ انتظاميا سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن زخمين سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي انهن جي جلد صحتيابي جي دعا ڪئي. هن ڌ??اڪ?? ۾ بچي ويندڙ واحد عورت زخمي جي به عيادت ڪئي ۽ واقعي ۾ عورت جي خاندان جي ماڻهن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو. صدر زخمين کي ملندڙ طبي امداد تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پوليس ڌ??اڪ?? هڪ تڪليف ڏيندڙ ۽ ڪڌو واقعو هو. هن چيو ته دهشتگردي جو ملڪ ۾ مڪمل خاتمو آڻينداسين ۽ حڪومت، فوج ۽ عوام گڏجي ٻيهر دهشتگردي جو مقابلو ڪندا. هن جو چوڻ هو ته منهنجي اچڻ ۾ دير جو سبب امدادي سرگرمين ۾ خلل جو سبب نه بڻجڻ آهي. ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ شهيدن جي گهرڀاتين سان گڏ آهيون ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعاڳو آهيان. صدر چيو ته حڪومت، انتظاميا ۽ ليڊي ريڊنگ اسپتال ??اران زخمين کي بهترين طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي، جن ماڻهن ڌ??اڪ?? ۾ پنهنجي پيارن کي وڃايو انهن جي نقصان جو ازالو نه ٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته حڪومت پاران شهيدن جي پونئيرن ۽ زخمين جي لاءِ امداد خوش آئنده آهي.