اسلام آباد – 12– اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ جانين جا نذرانا پيش ڪرڻ تي شهيدن کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ??ند?? چيو آهي ته پوري قوم دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ متحد آهي. ايوان ??در جي پريس ونگ پاران ??اري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار پاڪ فوج جي شهيدن جي پونئيرن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ??ند?? ڪيو. صدر 8 اپريل تي ڏکڻ وزيرستان ۾ شهادت ماڻيندڙ نائيڪ فضل جانان ??ي وارثن سان ??ابطو ڪيو. هن 8 اپريل تي خيبر باڙه ۾ شهيد ٿيندڙ نائيڪ نذيرالله محسود ۽ نائب صوبيدار حضرت گل جي پونئيرن سان پڻ فون تي افسوس جو اظهار ڪيو. صدر 5 اپريل تي ڏکڻ وزيرستان ۾ شهيد ٿيندڙ سپاهي حامد رسول جي ڀاءُ سان پڻ فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ڊاڪٽر عارف علوي شهيدن کي دهشتگردن جي خلاف جنگ ۾ جانين جا نذرانا پيش ڪرڻ تي خ??اج عقيدت پيش ڪيو ۽ چيو ته پوري قوم دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ متحد آهي. صدر چيو ته پوري قوم دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ شهيدن جي خ??متن کي سلام پيش ڪري ٿي. هن شهيدن جي درجن جي بلندي جي دعا ڪئي ۽ قوم پاران ??هيدن جي خ??ندانن جا ٿورا مڃيا. صدر شهيدن جي گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي پڻ دعا ڪئي.