اسلام آباد – 24 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي آفيس چيو آهي ته پاڪستان سوڊان جي صورتحال تي نظر رکي آهي ۽ پرڏيهي وزارت اتي موجود پاڪستانين کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ خطي ۾ پنهنجي مشنز ??ان گڏجي ڪم ڪري رهي آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب 427 پاڪستاني حفاظت سان پورٽ سوڊان پهچي ويا آهن ۽ انهن جي اڳئين سفر جي ا??تظامن کي جامع بڻائڻ کان اڳ ئي ا??هن جي رهائشگاهه جو بندوبست ڪيو پيو وڃي.