لاهور- 22 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ ترڪيه جي حڪومت، قيادت ۽ عوام کي عيدالفطر جون مبارڪون ڏنيون. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ مان جاري بيان مطابق وزيراعظم ترڪيه ۾ 6 فيبروري جي ز??زل?? جي متاثرن لاءِ به دعا ڪئي ۽ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي مرحلي دوران ترڪيه سان گڏ بيهڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. صدر اردوان وزيراعظم جي عيد مبارڪ جو گرمجوشي سان جواب ڏنو ۽ پاڪستاني ??وام لاءِ پنه??جي خصوصي ڀائراڻي جذبن ۽ پيار جو اظهار ڪيو. ترڪ صدر ز??زل?? دوران مشڪل جي گهڙي ۾ ساڻن گڏ بيهڻ تي پاڪستاني ??وام ۽ حڪومت جو شڪريو ادا ڪيو ۽ پيغام ڏنو ته هو پاڪستان جي امداد کي ڪڏهن به نه وساريندا. ترڪ صدر ز??زل?? کانپوءِ وزيراعظم جي ترڪيه جي دوري کي به ساراهيندي چيو ته پاڪستان جيڪو قيادت جو مظاهرو ڪيو اهو سدائين ياد رک??دا??ين. ٻنهي اڳواڻن ٻنهي ڀائرن ملڪن وچ ۾ بهترين ٻطرفن لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن خاص طور تي واپار، معيشت، غذائي تحفظ ۽ متبادل توانائي جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن سمورن اهم علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي هڪٻئي سان ويجهي رابطي ۾ رهڻ جي عزم جو ورجاءُ پڻ ڪيو. وزيراعظم صدر اردوان کي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني ??نهن کي هن قبول ڪري ورتو.