اسلام آباد – 29 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان کي چونڊن ۾ ڪاميابي تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته صدر جي متحرڪ قيادت ۾ پاڪ – ترڪيه لاڳاپن کي فروغ ملندو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر پنهنجي مبارڪباد واري بيان ۾ چيو ته پنهنجي ويجهي دوست ۽ ڀاءُ صدر رجب طيب اردوان کي ترڪيه جي صدارتي چونڊن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ڪاميابي تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. صدر چيو ته رجب اردوان جي فتح عو??م جي ان تي ڪيل اعتماد جي عڪاسي ڪري ٿي، ترڪيه اسان جو تمام ويجهو دوست آهي جنهن سا?? اسان جا صدين کان ڀائراڻا لاڳاپا آهن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه مشڪل وقتن جا پراڻا سا??ي آهن، پاڪستان ۽ ترڪيه سدائين هڪ ٻئي سا?? گڏ بيٺل رهيا آهن. صدر چيو ته مون کي يقين آهي ته رجب طيب اردوان جي متحرڪ قيادت ۾ پاڪ – ترڪيه لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ملندو. صدر اميد ظاهر ڪئي ته اسان صدر رجب طيب اردوان سا?? گڏجي ڪم ڪرڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ?? ترڪيه سا?? ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ سگ??ه ڏيڻ جا منتظر آهيون.