اسلام آ??اد – 04 – مئي (اي پي ??ي) صدر ڊا??ٽر عارف علوي اتر وزيرستان ۾ پاڪ فوج جي اه??ڪارن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ڊا??ٽر عارف علوي پنهنجي تعزيتي بيان ۾ شهيدن کي ملڪ جي لاءِ جانيون قربان ڪرڻ تي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر شهيدن جي فرض شناسي ۽ حب الوطني کي سلام پيش ڪيو. هن شهيدن جي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار، صبر جميل ۽ شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي.