اسلام آباد -10 جون (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف سمورين ڏکيائين باوجود ٽيڪس ف??ي متوازن بجيٽ پيش ڪرڻ تي اقتصادي ٽيم کي ساراهيندي چيو ته معيشت کي سڌارن جي شديد ضرورت آهي، اهو سياسي استحڪام سان ئي ممڪن آهي، ميثاق معيشت عوام جي خوشحالي ۽ ترقي جو واحد رستو آهي، سرڪا??ي ملازمن جي پگهارن ۾ 35 سيڪڙو تائين ۽ پينشنرن کي 17.5 سيڪڙو اضافي جي صورت م رليف ڏنو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وز??را??ظم محمد شهباز شريف چيو ته ٻوڏ م??اث?? علائقن ۾ رليف ۽ بحالي، عالمي سپلاءِ چين ۾ رڪاوٽن ۽ جيو اسٽريٽجڪ تبديلين سبب پيدا ٿيندڙ مسلسل چئلينجن کي نظر ۾ رکندي ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ٺاهڻ خاص طور تي هڪ ڏکيو ڪم هو. عمران نيازي طرفان پيدا ٿيل سياسي عدم استحڪام جي نه ختم ٿيڻ واري سلسلي معيشت کي نقصان پهچايو ۽ غيريقيني صورتحال پيدا ڪئي. جيئن ته ملڪ هڪ سال کان وڌيڪ عرصي تائين ڏکيائين جو شڪار رهيو، وز??را??ظم چيو ته بجيٽ معيشت جي ڊگهي مدي واري بيمارين کي صحيح ڪرڻ واري عمل جي شروعات جي نمائندگي ڪري ٿي، اتحادي حڪومت انهن شعبن کي ترجيح ڏني آهي، جيڪي اقتصادي ترقي کي تيز ڪرڻ، سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ ۽ معيشت کي پاڻڀرو بڻائڻ جي صلاحيت رکن ٿا. وز??را??ظم چيو ته مهانگائي جي اثرن کي نظر ۾ رکندي حڪومت سرڪا??ي ملازمن ۽ پينشنرن جي پگهارن ۾ ترتيبوار 30- 35 ۽ 17.5 سيڪڙو تائين اضافي جي صورت ۾ رليف فراهم ڪيو آهي. گهٽ ۾ گهٽ مزدورو جو اجورو وڌائي 32 هزار رپيا ڪيو ويو آهي. هن چيو ته هڪ وڌيڪ متوازن بجيٽ جنهن ۾ ڪو به نئون ٽيڪس نه لڳايو وڃي، موجوده ڏکين حالتن ۾ ممڪن نه هو، آئون انهن سمورن ماڻهن جي ساراهه ڪيان ٿو جيڪي بجيٽ ٺاهڻ جو حصو رهيا ۽ انهن پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. وز??را??ظم چيو ته معيشت کي سڌارن جي شديد ضرورت آهي جيڪو هڪ مستحڪم سياسي ماحول ۾ ڪري سگهجي ٿو ڇو جو معاشي ترقي جو تعلق سياسي استحڪام سان آهي، اتان ئي ميثاق معيشت اسان جي سياسي پارٽين لاءِ پنهنجي عوام جي خوشحالي لاءِ اڳتي وڌڻ جو واحد رستو نظر اچي ٿو.