رياض -26 جون (اي پي پي) سعودي پريس ايجنسي (ايس پي اي) اردو سان گڏوگڏ پاڪستان جي علائقائي ٻولين ۾ به ميڊيا پيغام شايع ۽ نشر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن جو مقصد حاجين تائين درست ۽ مستند معلومات سندن پنهنجي ٻولي ۾ فراهم ڪرڻ ۽ سعودي حڪومت جي ق??من ۽ خدمتن جي حوالي سان آگاهي پيدا ڪرڻ آهي. سعودي قيادت طرفان عال??ي خابرو ايجنسين سان شراڪتداري تحت سعودي خابرو ايجنسي (ايس پي اي) اردو کان علاوه پاڪستان جي علائقائي ٻولين س??ڌي، بلوچي ۽ پشتو کي به انهن ٻولين ۾ شامل ڪيو ويو آهي جنهن ذريعي حاجين کي معلومات ۽ آگاهي فراهم ڪئي ويندي. ايس پي اي ان کان اڳ عربي، انگريزي، فرانسيسي، روسي، چيني، فارسي، ڀاشا، ملائي، تامل ۽ هسپانوي ٻولين س??يت مختلف عالمي ۽ علائقائي ٻولين ۾ ميڊيا مواد جاري ڪري ره?? آهي.