اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??گران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ ميڊيا جي شعبن ۾ تعاون ۽ معاشي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ايران سان ڀائراڻن لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، ٻئي مل?? گهري ??ذهبي، ثقافتي ۽ ٻولي جي رشتن ۾ ڳنڍيل آهن، شاعر مشرق علامه اقبال ۽ هفت زبان شاعر سچل سرمست جي ڪلام جي فروغ جي لاءِ ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ تعاون ضروري آهي، نگران حڪومت جو بنيادي مينڊيٽ چونڊ عمل ۾ مدد ۽ نگراني ڪرڻ آهي، پرامن چونڊون منعقد ڪرائڻ اسان جي ترجيح آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملاقات جي لاءِ آيل پاڪستان ۾ مقرر ايران جي سفير رضا اميري ??غدم سان ڳالهائيندي ڪيو. ڌرين گڏيل دل??سپ?? جي معاملن، ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن ۽ ميڊيا جي شعبي ۾ تعاون جي فروغ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ اقتصادي، واپاري، ثقافتي، سياحت ۽ عوامي سطح تي رابطن سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي مستحڪم ۽ وسيع ڪرڻ تي اتفاق ٿيو. ايران جي سفير مرتضيٰ سولنگي کي اطلاعات واري ??گران وفاقي وزير جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات واري ??گران وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ايران سان ڀائراڻن لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، پاڪستان ۽ ايران گهري ??ذهبي، ثقافتي ۽ لساني رشتن ۾ ڳنڍيل آهن، ٻنهي مل??ن جون حڪومتون پنهنجي عوام جي بهتري ۽ سماجي اقتصادي ترقي جي لاء?? ويجهي تعاون کي فروغ ڏئي رهيون آهن. ملاقات ۾ ايران سان ميڊيا ۽ ثقافتي وفدن جي مٽاسٽا تي پڻ اتفاق ٿيو. اطلاعات واري ??گران وفاقي وزير ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ ميڊيا جي شعبن ۾ تعاون جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته پاڪستان ۽ ايران سان فلم ۽ ڊرامي جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جا خواهشمند آهيون. ان موقعي تي ايران جي سفير چيو ته شاعر مشرق علامه اقبال کي ايران ۾ قومي شاعر جو مقام حاصل آهي. ايراني رهواسي ننڍي کنڊ جي عظيم شاعر علامه اقبال کي تمام گهڻي عزت ۽ قدر جي نگاهه سان ڏسن ٿا. اطلاعات واري ??گران وفاقي وزير چيو ته فارسي زبان سان اسان جو تعلق تمام گهڻو پراڻو آهي، ايران سان گڏجي علامه اقبال تي فلم تيار ڪئي ويندي. هن چيو ته علامه اقبال ۽ سچل سرمست جي فارسي زبان جي ڪلام ۾ وڏي هڪ جهڙائي آهي، سچل کي ستن زبانن ۾ فڪر سخن جي ڪري ” هفت زبان شاعر “ جو لقب حاصل آهي، علامه اقبال ۽ سچل سرمست جي ادبي ڪلام جي فروغ لاءِ ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ تعاون ضروري آهي، پاڪستان اڪيڊمي ادبيات ۽ خانه فرهنگ ايران ان ڏس ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. ملاقات ۾ ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ ميديا جي شعبي ۾ تعاون تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. نگران وفاقي وزير چيو ته ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ ميڊيا جي شعبي ۾ تعاون لازمي آهي، ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان ۽ اسلامڪ ري ??بلڪ نيوز ايجنسي (ارنا) جي وچ ۾ مفاهمت جي ياداشت تي اڳ ۾ ئي صحيحون ٿي چڪيون آهن جڏهن ته ٽيليويزن، فلمز، سئنيما، ادبي ۽ ٻولي جي ادارن جي وچ ۾ تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ اهڙي قسم جا ڪيترائي معاهدا بحث هيٺ آهن. اهي معاهد اسان جي ثقافت ۽ روايتن کي حقيقي روشني ۾ پيش ڪرڻ ۾ مدد ڏيندا. اطلاعات واري ??گران وفاقي وزير ايراني سفير کي پاڪستان ۾ چونڊن جي حوالي سان قدمن بابت آگاهه ڪندي چيو ته نگران حڪومت جو بنيادي مينڊيٽ چونڊ عمل ۾ مدد ۽ نگراني ڪرڻ آهي، پرامن چونڊون منعقد ڪرائڻ اسان جي ترجيح آهي. ان موقعي تي ايراني سفير پاڪستان جي قانونن ۽ آئين موجب آزاداڻي ۽ منصفاڻي چونڊن جي مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪيو. هن علائقائي تعاون ۾ اطلاعات واري ??گران وفاقي وزير جي دل??سپ?? کي پڻ ساراهيو.