اسلام آباد – 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفا??ي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته چونڊون منعقد ڪرائڻ جي ذميواري اليڪشن ڪميشن جي آهي، اسان اليڪشن ڪميشن جي مدد ڪرڻ جا ذميوار آهيُون، مولانا فضل الرحمان وڏي پارٽي جو اڳواڻ آهي، سن??س بيان جو مناسب جواب اليڪشن ڪميشن ئي ڏئي سگهي ٿي. صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري نگران وفا??ي وزير هڪ سوال تي چيو ته مولانا فضل الرحمان وڏي پارٽي جو اڳواڻ آهي، سن??س بيان اليڪشن ڪميشن ڏسي ورتو هوندو، اها ئي ان جو مناسب جواب ڏئي سگهي ٿي، چونڊون منعقد ڪرائڻ جي ذميواري اليڪشن ڪميشن جي آهي، اسان اليڪشن ڪميشن جي مدد جا ذميوار آهيون. نواز شريف جي وطن واپسي بابت سوال تي هن چيو ته نواز شريف جي واپسي جو نگران حڪومت سان ڪو تعلق نه آهي. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته چين ۽ پاڪستان جا لاڳاپ?? سدا بهار آهن ۽ انهن جو مستقبل تمام شاندار آهي.