اسلام آباد – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊ??ڪٽر عارف علوي سان ڪٽيل چَپ ۽ تالُو جي پاڪستاني ايس??سي??يشن ۽ برطانوي پلاسٽڪ سرجنز جي وفد ملاقات ڪئي. ??يو??ن صدر جي پريس ونگ موجب وفد جي قيادت ايس??سي??يشن جي چيئرمين ڊاڪٽر اعجاز بشير ڪئي. صحت واري وفاقي وزارت جا عملدار پڻ ملاقات ۾ شريڪ هئا. صدر ڊ??ڪٽر عارف علوي چيو ته ٻارن جي پيدائشي طور تي ڪٽيل چَپ ۽ تالُو جي حوالي سان آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڪٽيل چَپ ۽ تالُو جي علاج سان ٻارن جي زندگي جي معيار ۾ بهتري آڻي سگهجي ٿي. موجوده دور جي صحت جي مسئلن، مستقبل جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ جدت اختيار ڪرڻي پوندي. وفد صدر کي ڪٽيل چَپ ۽ تالُو جي پاڪستاني ايس??سي??يشن جي ??م ۽ سرگرمين بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته ايس??سي??يشن معاشري جي لاچار طبقن کي گجرات ۾ مفت علاج جون سهولتون فراهم ڪري رهي آهي. ايس??سي??يشن پاڪستان ۾ عالمي معيار موجب علاج جون سهولتون فراهم ڪري رهي آهي، متاثر ٻارن کي کائڻ ۽ ڳالهائڻ جي مسئلن کانسواءِ امتيازي سلوڪ کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو. صدر ڊ??ڪٽر عارف علوي چيو ته ايس??سي??يشن جي ٻارن جي علاج ۽ سرجري جي حوالي سان ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن.