اسلام آباد – 25 س??پٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڪم ڪندڙ عورتن کي ٻٽيون ذمي??ار??ون نڀائڻيون هونديون آهن، عورتن جي معاشي خودمختياري لاءِ انهن جي وارثت واري حق کي يقيني بڻائڻ ضروري آهي، ملڪي معيشت جي ترقي لاءِ عورتن جي خوشحال?? انتهائي اهم آهي، ان سلسلي ۾ عوام ۾ آگاهي پيدا ڪرڻي پوندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن خيبرپختون??وا?? پنجاب، سنڌ ۽ بلوچستان جي ويمن چيمبرز آف ڪامرس اين?? انڊسٽريز جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن قومي اسيمبلي ميمبر ساجده ذوالفقار جي قيادت ۾ ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي.