اسلام آباد – 02 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته په??ين ڏينهن چيو هو ته مولانا جي هڪ ئي ايجنڊا آهي اسان کي به کيڏا??و نه ته راند ختم ڪريو، فضل الرحمان اقتدار جي محرومي جو بدلو پاڪستان ۽ قوم کان نه وٺي، پاڪستان جي عوام ۽ قومي سلامتي جي ادارن ملڪ ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ لازوال قربانيون ڏنيون آ??ن، اسان جا ادارا اسان جو فخر، ملڪ جي دفاع ۽ سلامتي جا ضامن آ??ن، پنهنجي ڪڌن ذاتي سياسي ارادن کي تسڪين جي لاءِ انهن کي سياست ۾ ڌڪڻ افسوسناڪ ۽ مذمت جوڳو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ خصوصي معاون چيو ته جٿن، ذاتي فوج ۽ جلسي ۾ طالبان جا جهنڊا لهرائي فضل الرحمان پاڪستان ج?? اڀرندڙ روشن تشخص کي ڇو داغدار ڪرڻ چاهي ٿو.