اسلام آباد – 22 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت پنهنجي ذميوارين کان آگاهه آهي، عوام اسان تي اعتماد ڪري ۽ احتياطي تدبيرون اختيار ڪ??ي، ملڪ ۾ لاڪ ڊائون سان غريب ۽ ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ طبقو متاثر ٿيندو، ذخيره اندوزي ۽ افراتفري سان وڌيڪ نقصان ٿيڻ جو خطرو آهي، گهٻرائڻ جي ضرورت نه آهي، ملڪ ۾ کاڌي پيتي جي شين جو وڏو ذخيرو موجود آهي، شهري?? کي پاڻ قرنطينه طرف ??ڃڻ گهرجي، ميڊيا موجوده صورتحال ۾ موثر ڪ??دار ادا ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن قوم کي خطاب ڪندي ڪيو.