اسلام آباد – 13 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ قومي رابطا ڪميٽي (اي?? سي سي) جو اهم ا??لا?? اسلام آباد ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي درخواست تي ڪورونا وائرس جي عدم پ??يڙ ۽ عوام جي جان ۽ مال، روزگار جي تحفظ کي يقيني بنائڻ جي لاءِ مستقبل جا فيصلا هڪ ڏينهن لاءِ ملتوي ڪيا ويا آهن، وزيراعظم عمران خان سنڌ جي وڏي وزير کي هدايتون ڏنيون ته هو اڄ اڱاري ڏينهن اي?? سي سي جي ا??لا?? ۾ هڪ جامع روڊ ميپ کڻي اچي جنهن ۾ پوئتي پيل علائقن، ڪچين آبادين ۽ پورهيتن جي حقن جي تحفظ جي جهلڪ نظر اچي، وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ قومي رابطا ڪميٽي (اي?? سي سي) جي ا??لا?? کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏين??ي وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ٻڌايو ته وزيراعظم جي صدارت ۾ اي?? سي سي ا??لا?? ۾ اتفاق ڪيو ويو ته مستقبل جي فيصلن کي هڪ ڏينهن جي لاءِ ملتوي ڪيو وڃي، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه طرفان درخواست ڪئي وئي ته اڏاوتن واري شعبي ۽ ضروري شين کي کولڻ جي قدمن جي اعلان کان اڳ ڪجهه وقت ڏنو وڃي ته جئين هم آهنگي سان فيصلن تي عملدرآمد يقيني بڻايون.