اسلام ??باد – 14 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته صبح 8 وڳي کان پي ٽي وي ٽيلي اسڪول نشريات جي باقاعده شروعات ڪري ڇڏي آهي، تعليم ۽ اطلاعات واري وزارت جي حصيداري سان شروع ڪيل اهو منصوبو وزيراعظم عمران خان جي ملڪ ۾ تعليم جي فروغ جي ويزن جو مظهر آهي، ڪورونا وبا جي ڪري ٻارن جو تعليمي عم?? معطل آهي، هن چينل ذريعي گهر ويٺل ٻار ۽ ٻيا شاگرد تدريسي عمل مان فائدو کڻ??دا، نشريات جو وقت صبح 8 کان شام 6 وڳي تائ??ن هوندو.