اسلام آباد – 11 جون (اي پي پي) وزيراع??م عمران خان ضرورتمند گهراڻن کي روڪ رقم جي منتقلي جي پروگرام جي سلسلي ۾ ڀارت کي مدد فراهم ڪرڻ جي آڇ ڪئي آه??. ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم انگريزي اخبار جي رپورٽ جو حوالو ڏيندي چيو ته ان رپورٽ موجب ڀارت ۾ 34 سيڪڙو گهر??ڻا مدد فراهم نه ڪرڻ جي صورت ۾ ه?? هفتي کان وڌيڪ زنده رهڻ جي قابل نه هوندا، هن چيو ته اسان جي حڪومت 9 هفتن جي دوران هڪ ڪروڙ خاندانن کي ڪووڊ 19 سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال ۾ 120 ارب روپين جي روڪ رقم شفاف طريقي سان فراهم ڪئي آه??، اسان جي ان پروگرام کي عالمي طور تي ساراهيو ويو آه??، وزيراعظم آڇ ڪئي ته هو ان طرح پروگرام جي لاءِ ڀارت کي مدد ۽ معاونت فراهم ڪرڻ جي لاءِ تيار آه??.