اسلام آباد – 23 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر ??بلي فراز چيو آهي ته ماضي جي حڪوم??ن پي ٽي وي سميت ق??مي ادارن کي سياسي ڀرتيون ڪري تباهه ڪيو آهي، اسان سڀني ق??مي ادارن کي سڌارن جي ذريعي ترقي ڏيڻ جا خواهشمند آهيون. تحريڪ انصاف پي ٽي وي ۾ هڪ به ڀرتي نه ڪئي، ٽي وي چئنلن جي مالڪن سان طئي ٿيل فارمولي تحت انهن جي رهتن جي باقي رقم به ايندڙ هڪ هفتي ۾ ادا ڪئي ويندي. ق??مي اسيمبلي ۾ سوالن جي وقفي دوران چوڌري محمد برجيس طاه?? جي سوال جي جواب ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر ??بلي فراز چيو ته ميڊيا جي بقايائن جي حوالي سان ٽن قسمن جا بل هئا جنهن ۾ پيپلزپارٽي، مسلم ليگ (ن) ۽ پي ٽي آءِ جي دو?? جي ٻن سالن جي بلن بابت مالڪن سا?? ڳالهيون ٿيون آهن، اسان آخري ٻن سالن جي بلن جي ادائيگي جو فيصلو ڪيو، ڪل رقم هڪ ارب 15 ڪروڙ روپيا بڻجندي هئي جنهن مان اڌ ادا ڪئي وئي ۽ بقايا رقم ايندڙ هڪ هفتي ۾ ادا ڪئي ويندي، هن چيو ته علائقائي اخبارن کي اشتهارن جي فراهمي جي حوالي سان نئون ميڪنزم ٺاهيو پيو وڃي، جنهن جا تفصيل سامهون آندا ويندا.