اسلام آباد – 09 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??يو آهي ته زمين تي سڀ کان بهترين صدقه جاريه وڻ لڳائڻ آهي، اها اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي ته اسان وڻڪاري ذريعي ملڪ کي سرسبز ۽ صاف بڻايون، ڪورونا وائ??س جي وبا اڃا ختم ناهي ٿي، ان لاءِ عوام ايس او پيز تي عمل ڪري. ڪورنگ پارڪ ۾ ٽائيگر فورس ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ رضاڪارن جي ميڙ کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي ملڪ امين اسلم پڻ خطاب ڪيو. وزيراعظم ??يو ته اسان پنهنجا ٻيلا ڪاٽي ملڪ جو نقصان ڪيو آهي، جيڪڏهن گرمي وڌندي رهي، گليشيئر پگهرندا رهيا ته دريائن ۾ پاڻي گهٽ ايندو ان سان اسان جون زمينون ريگستان بڻجي وينديون، ان سان بک ۽ بدحالي پکڙجندي. وزيراعظم ??يو ته پنهنجي ايندڙ نسلن، پنهنجي ٻارن جي لاءِ اسان سڀني جي ذميواري آهي ته پنهنجي ملڪ کي سرسبز بڻائڻ جي لاءِ پوري ڪوشش ڪريون. هن ??يو ته هي اسان جيڪي اڄ 35 لک وڻ لڳايا آهن اها هڪ شروعات آهي، هي مسلسل جدوجهد ۽ جهاد آهي، اسان اهو پنهنجي لاءِ نه پر پنهنجي ايندڙ نسلن جي مستقبل لاءِ ڪري رهيا آهيون. هن ??يو ته جڏهن قومون ??نظم ٿي فيصلا ڪن ٿيون ته الله جي زمين تي نقصان بدران بهتري اچي ٿي. هن ??يو ته سڀ کان بهترين صدقه جاريه زمين تي وڻ لڳائڻ آهي. هن ??يو ته اڄ سڄي ٽائيگر فورس، نوجوان ۽ انتظاميا جيڪي هتي شريڪ ٿيا ان??ن جا ملڪ پاران ٿورا مڃان ٿو، اسان کي ملڪ کي سرسبز ڪرڻو آهي ان ۾ وڻ لڳائڻا آهن. وزيراعظم ??يو ته قوم جي اتفاق راءِ سان فيصلن جا سدائين مثبت نتيجا نڪتا آهن، ڪورونا وائ??س جي وبا ۾ ملڪ جي ڪاميابي ان جو مثال آهي. هن ??يو ته ماحولياتي تبديلي به ملڪ کي متاثر ڪري رهي آهي، ان جي وڏي نشاني هلندڙ سال ڪڻڪ جي پيداوار ۾ 15 لک ٽن گهٽتائي آهي، ڇو ته برساتن ڪڻڪ جي فصل کي بري طرح متاثر ڪيو.