اسلام آبا?? – 31 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستا?? آذربائيجان سان سياحت، واپار، دفاع ۽ توانائي سميت مختلف شعبن ۾ وڌيڪ تعاون جو خواهشمند آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ماپي ۾ وڌ??ڪ اضافي لاءِ ڪوششون ڪيون وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار ه?? آذربائيجان لاءِ نامزد پاڪستاني سفير بلال حئ?? سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن هت?? ساڻس ملاقات ڪئي. ايوان صدر مان جاري بيان موجب صدر چيو ته پاڪستا?? آذربائيجان سان لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ گهرا معاشي، سياسي، دفاعي ۽ ثقافتي لاڳاپا آهن، هن چيو ته پاڪستا?? آذربائيجان سان سياحت، واپار، دفاع ۽ توانائي سميت مختلف شعبن ۾ وڌيڪ تعاون جو خواهشمند آهي، هن چيو ته ڪورونا وائرس دورا?? آذربائيجان طرفان پاڪتسان کي امداد فراهم ڪرڻ تي ٿورائتا آهيون.