اسلام آباد – 23 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??يو آهي ته معاشري جي سڃاڻپ ڪمزور طبقي سان ٿيندڙ سلوڪ سان ڪئي ويندي آهي، اسلام آباد پوليس کي نئين پاڪستان وانگر نئين پوليس جي طور تي نظر اچڻ گهرجي، عام شهري کي ??زت ڏني وڃي، پوليس کي هيلٿ ڪارڊ جي سهولت ڏينداسين، نيا پاڪستان هائوسنگ ۾ کين قسطن تي گهر ڏنا ويندا، پگهار وڌائڻ تي غور ڪيو ويندو، فوج ملڪي سرحدن ۽ پوليس عوام جي جان ۽ مال جي محافظ آهي، حرام پئسو ڪمائيندڙ اڄ عبرت جو نشانو بڻيل آهن، تمام گهڻو پئسو ??جڻ جي باوجود ڪ??هن اسپتالن ۾ وڃي رهيا آهن ته ۽ ڪ??هن ملڪ کان ٻاهر، ٻار به ٻاهر ڀڄي ويا آهن ۽ والد جي چوري لڪائڻ جي لاءِ ڪوڙ ڳالهائڻو پئجي رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پوليس لائنز ۾ پاسنگ آئوٽ پريڊ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.