اسلام آباد – 19 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ويٽنام سان اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن ۾ بهتري آڻڻ جي ضرورت تي زور ??يندي چيو آهي ته پاڪستان ٻطرفي ۽ گهڻ رخي گڏيل رابطن ج?? سمورن شعبن ۾ ويٽنام سان لاڳاپن ج?? قدر ڪري ٿو. هو ويٽنام ۾ پاڪستان ج?? نامزد سفير ثيمنه مهتاب سان ڳالهائي رهيو هو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته ويٽنام سان اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن ۾ بهتري آڻڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان ٻه طرفي ۽ گهڻ رخي گڏيل رابطن ج?? سمورن شعبن ۾ ويٽنام سان لاڳاپن ج?? قدر ڪري ٿو، هن چيو ته گڏيل مفادن ج?? سمورن شعبن ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر عارف علوي چيو ته پاڪستان ج?? ڪاروبار دوست ماحول ۾ ويٽنام جي ڪاروباري برادري لاءِ بي حد موقعا موجود آهن. نامزد سفير ملڪي وقار ۽ مثبت تاثر ا??اگ?? ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري.