ڪراچي -13 مارچ (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي چيو آهي ته اسان جي ملڪ جي اڌ آبادي عورتن تي ٻڌل آهي، ??اڪ??تان جي ترقي ۽ هڪ مثالي رياست جي قيام لاءِ عورتن کي سندن جائز حق ڏيڻا پوندا، عورتن کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ کانسواءِ هڪ اسلامي ۽ مثالي رياست جو خواب ڪڏهن به پورو نه ٿو ٿي سگهي، معاشري کي عورتن لاءِ محفوظ بنائڻو آهي، اسان جي ملڪ جي ڪجهه علائقن ۾ عورتن کي وراثت جي حقن کان محروم رکيو پيو وڃ?? جيڪا سراسر نا انصافي آهي ۽ اسلام جي روح جي برخلاف آهي، اسٽيٽ بئنڪ آف ??اڪ??تان عورتن کي معاشي ط??ر تي خودمختيار بنائڻ لاءِ گهڻيون سٺيون پاليسيون متعارف ڪرايون آهن، عورتن کي انهن سهولتن کان آگاهه ڪرڻ ضروري آهي. انهن خيالن جو اظهار هن مقامي هوٽل ۾ آل ??اڪ??تان ويمنز ايسوسيئيشن جي انتظام هيٺ ”??اڪ??تان ۾ صنفي برابر?? جي صورتحال“ جي موضوع تي منعقد سيمينار کي خاص مهمان جي حيثيت ۾ خطاب ڪندي ڪيو. خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي چيو ته ??اڪ??تاني عورتن هميشه مردن سان گڏجي ڪم ڪيو آهي ۽ آل ??اڪ??تان ويمنز ايسوسيئيشن جو قيام به تحريڪ ??اڪ??تان جي سرگرم عورت اڳواڻ بيگم رعنا لياق علي خان عمل ۾ آندي. ابتدائي ط??ر تي ان مقصد جو ورهاڱي بعد مهاجرن جي ٻحران کي منهن ڏيڻ هو. اپوا جي تاريخ مان اها ڳالهه ثابت ٿئي ٿي ته ??اڪ??تاني عورتون ڪنهن کان گهٽ نه آهن ۽ جڏهن به ??اڪ??تان کي ضرورت پئي آهي اسان جي عورتن پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي. اپوا عورتن جي حقن ۽ قانونن جي بهتري لاءِ گهڻو ڪم ڪيو آهي. هن چيو ته ??اڪ??تان ۾ عورتن جي وڏي تعداد کي وراثت ۾ حصو نه ملندو آهي. هن چيو ته اهو افسوس جو مقام آهي ته اسلام ۾ عورتن جي وراثت جي حوالي سان تفصيل سان ذڪر ڪيو ويو آهي، عورتن کي وراثت ملڻ گهرجي پر اسان جي ملڪ جي ملڪ جي ڪن علائقن ۾ عورتن کي وراثت جي حقن کان محروم رکيو پيو وڃ?? جيڪا سراسر ناانصافي آهي ۽ اسلام جي روح جي برخلاف آهي. خاتون اول چيو ته معاشري کي عورتن لاءِ محفوظ بنائڻ گهڻو ضروري آهي. گهر ۽ گهر کان ٻاهر عورتن تي تشدد نه ٿيڻ گهرجي ، اسان کي محفوظ ماحول فراهم ڪرڻ تي ڪم ڪرڻو آهي، حڪومت ان تي ڪم ڪري رهي آهي. اسين عورت دوست معاشري لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهنداسين. عورتن جي ڀلائي ۾ ڪٽنب جي ڀلائي آهي ۽ ڪٽنب جي ڀلائي ۾ معاشر?? جي اصلاح آهي. هن چيو ته اسان جي معاشري ۾ بريسٽ ڪينسر جي عدم آگاهي سبب فوتگين جي شرح تمام گهڻي آهي. آگاهي لاءِ ميڊيا اهم ڪردار ادا ڪيو آهي پر ان تي اسان کي وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.