اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر پارٽين مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شري?? جي قيادت هيٺ فلسطين جي حق ۾ 17 مئي تي ايوان مان منظور ٿ??ل قرارداد جي ڪاپي گڏ??ل قومن جي آفيس ۾ جمع ڪرائي، ان موقعي تي جي يو آءِ (ف) جو پارلياماني اڳواڻ مولانا اسد الرحمان، اڳوڻو وزيراعظم راجا پرويز اشرف سميت سڄي مخالف ڌر پارٽين جا ڪيترائي ميمبر اسيمبلي ۾ موجود هئا، ميان شهباز شريف قرارداد جي نقل گڏ??ل قومن جي نمائ??دي جي حوالي ڪئي ۽ چيو ته اها قرارداد سڄي پاڪستاني قوم جي جذبن جي ترجماني آهي، گڏ??ل قومن جي نمائ??دي يقين ڏياريو ته سندن جذبا ۽ قرارداد جي مسودي کي گڏ??ل قومن جي مرڪزي آفيس تائين پهچايو ويندو ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائي??دي شهباز شريف جو چوڻ هو ته فلسطين تي اسرائيل پاران ظلم ڪيو ويو ۽ بمباري ڪئي وئي جنهن ۾ فلسطينن جو وڏو تعداد شهيد ٿيو، هن چيو ته مسجد اقصيٰ ۾ بربريت ڪئي وئي، تاريخ اهڙا غمگين منظر پهرين ڪڏهن نه ڏٺا، پارليامينٽ متفقه قراردا?? منظور ڪري عوام جي جذبن جي ترجماني ڪئي آهي.