اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بئنڪ جي بدانتظامي جي خل??ف شڪايت تي بين??نگ محتسب پاران مناسب ڪارروائي نه ڪ??ڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي معاملي تي قانون ۽ انصاف جون گهرجون پوريون ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب لاهور جي رهواسي عورت روبي انوار حبيب بئنڪ ۾ پنهنجي اڪائونٽ مان 140000 روپين جي رقم بنا اجازت منتقل ڪرڻ ۽ بئنڪ جي بدانتظامي تي ڪا به ڪ??رروائي نه ٿيڻ جي شڪايت ڪئي، هن بئن??نگ محتسب کي پنهنجي شڪايت ۾ ٻڌايو ته لاڳاپيل بئنڪ جي سامهون ان بدانتظامي جو معاملو اٿاريو ويو پر ??يس ڪو به رليف نه ڏنو ويو. بئن??نگ محتسب مناسب جاچ کانسواءِ ۽ شڪايت ڪندڙ کي ٻڌڻ کانسواءِ ڪيس بند ڪري ڇڏيو جنهن تي شڪايت ڪندڙ بئن??نگ محتسب جي فيصلي جي خل??ف صدر کي اپيل ڪئي.