اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) وزير??عظ?? عمران خان چيو آهي ته بلين ٽري سونامي منصوبي جي ڪاميابي لاءِ سڄي قوم کي متحد ٿي ساٿ ڏيڻو پوندو، ان جي ڪاميابي سان ماحوليات سميت معيشت، سياحت کي فروغ ملندو، آلودگي ۾ گهٽتائي ايندي، ٻيلن ۽ جهنگلي جيوت کي تحفظ ملندو، دنيا جا اهڙا ملڪ جيڪي ڪاربان اخراج جو وڏو سبب آهن اهي پنهنجي ذميداري پوري ڪندي غريب ملڪن کي ان کي منهن ڏيڻ لاءِ فنڊز فراهم ڪن ته جيئن هو پنهنجي ماحول کي بهتر ڪر?? سگهن، قومي پارڪس ۽ ٻيلن جي تحفظ لاءِ فارسٽ گارڊز جو تعداد وڌائينداسين، مقامي ماڻهن کي روزگار فراهم ڪنداسين ته جيئن هو ان جي بنيادي ڌر بڻجي ان جو تحفظ ڪر?? سگهن، 2030ع تائين 60 سيڪڙو بجلي قابل تجديد توانائي تي منتقل ڪنداسين، پوري قوم کي گڏجي گڏيل قومن جي ايڪو سسٽم جي بحالي واري ڏهاڪي جي ڪاميابي لاءِ جدوجهد ڪرڻي آهي. وزير??عظ?? عمران خان ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي ڪنوينشن سينٽر ۾ منعقد تقريب کي خاص مهمان طور خاص خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان جي لاءِ ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي تقريب جي ميزباني هڪ وڏو اعزاز آهي، کيس خوشي آهي ته تمام جلد پاڪستان ماحوليات جي حوالي سان ڪوششن ۾ عالمي نقشي تي اچي ويو آهي، دنيا هاڻي ان جو ادراڪ ڪر?? ٿي ته پاڪستان انهن ملڪن ۾ شامل آهي ته هو پنهنجي ايندڙ نسلن جي لاءِ قدم کڻي رهيو آهي، هن چيو ته مسلمانن ۽ پاڪستاني قوم لاءِ حضور اڪرم ﷺ جي حديث جو فهم ضروري آهي جنهن ۾ هن فرمايو ته ايندڙ دنيا لاءِ ايئن جيئو ته سڀاڻي مري وڃڻو آهي ۽ هن دنيا جي لاءِ ايئن جيئو ته هزارين سال زنده رهڻو آه??، اهو الله جو حڪم آهي ته ان جي زمين تي قدم رکو ته ان جو فڪر ڪر??ون ته جيڪو ڪم اسان ڪر?? رهيا آهيون ان جا ايندڙ نسلن تي ڪهڙا اثر پوندا. وزير??عظ?? چيو ته بدقسمتي سان دنيا جي اڪثر ملڪن ان طرف ڌيان نه ڏنو، پاڪستان به انهن ملڪن ۾ شامل هو، تنهن هوندي به ڪجهه ملڪن ان جو احساس ڪيو ۽ هنن ماحوليات جو خيال رکيو، وزير??عظ?? چيو ته اسان خيبرپختونخوا ۾ هڪ ارب ٻوٽا لڳائڻ جو فيصلو ڪيو تڏهن اسان کي خبر پئي ته پاڪستان جي سڄي تاريخ ۾ هيستائين 64 ڪر??ڙ وڻ پوکيا ويا اسان خيبرپختونخوا ۾ اهو هدف پورو ڪيو، هن چيو ته اسان جي لاءِ اهو تڪليف ڏيندڙ ڳالهه هئي ته پاڪستان ۾ ڇانگامانگا، ديپالپور، تاندليانوالا ۽ چيچه وطني ۾ جيڪي ٻيلا هئا اهي به وڍيا ويا، ڪنهن کي اسان جي ايندڙ نسلن جو خيال نه هو، اسان پنهنجي دريائن کي بي دردي سان آلوده ڪيو، ماضي ۾ زمان پارڪ جي ٻاهران واهه مان ماڻهو پاڻي پئيندا هئا ، باغن جي شهر لاهور ۾ آلودگي خطرناڪ حد تائين وڌي وئي آهي، هن چيو ته ايڪو سسٽم جي بحالي جو ڏهاڪو دنيا جي لاءِ هڪ موقعو آهي ته هو ماحوليات جي بهتري لاءِ قدم کڻ??، الله اسان کي موقعو ڏنو آهي ته پنهنجو ماحول ٺيڪ ڪر??ون، اهي 10 سال اسان جي لاءِ پنهنجو رخ درست ڪرڻ جي لاءِ اهم آهن، وزير??عظ?? چيوته ڪاربن اخراج ۾ پاڪستان جهڙن ملڪن جو ڪردار هڪ سيڪڙو به نه آهي ان جي باوجود اسان اهو فيصلو ڪيو ته عالمي گرمي کي منهن ڏيڻ لاءِ قدم کڻنداسين. وزير??عظ?? چيو ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل وڏي اهم ڳالهه ڪئي آهي ته دنيا ۾ پاڻي جو بحران اچڻ وارو آهي، پاڪستان ۾ هينئر کان صوبن ۾ پاڻي جي ورڇ تي اختلاف پيدا ٿي چڪا آهن، پاڪستان جي دريائن ۾ 80 سيڪڙو پاڻي گليشيئر مان ايندو آهي ۽ اهو عالمي حدت سان متاثر ٿي رهيا آهن، جن ملڪن جو پاڻي جو دارومدار گليشيئر تي آهي انهن لاءِ وڏا مسئلا آهن، هندستان ۾ پاڻي گليشيئر کان دريائن ۾ ايندو آهي ۽ اهو به متاثر ٿيندو ۽ ان کانسواءِ وچ ايشيائي رياستن ۾ پاڻي به گليشيئر مان ايندو آهي اهو سڄو علائقو متاثر ٿيندو