اسلام آباد -22 آگسٽ (اي پي پي) گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته افغانستان ۾ پائيدار امن خطي جي ترقي ۽ دنيا جي س??امتي لاءِ اهم آهي. افغانستان ۾ امن ۽ مستحڪم حڪومت لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهنداسين، پا??ستان ۽ چين جي گڏيل سهڪار ۽ ترقي کي دهشتگردن هٿان يرغمال ٿيڻ نه ڏينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن آچر ڏينهن چيني س??ير نونگ رونگ سان ملاقات دوران ڪيو. پا??ستان ۾ چين جي س??ير نونگ رونگ گهرو وزير جي رهائشگاهه تي ان سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران پا?? چين ٻه طرفن لاڳاپن سميت خطي جي مجموعي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. گهرو وزير چيني س??ير ۽ ٻين تي س??ارتي عملي کي مانجهاندو ڏنو. ان موقعي تي گهرو وزير چيو ته افغانستان ۾ تبديل ٿيندڙ حالتن کي نظر ۾ رکندي اسان جو خطو تمام گهڻي اهميت اختيار ڪري چڪو آهي. افغانستان ۾ پائيدار امن خطي جي ترقي ۽ دنيا جي س??امتي لاءِ اهم آهي. هن چيو ته گهرو وزارت افغانستان مان نڪرندڙن کي ڀرپور معاونت ڏئي رهي آهي، چيني شهرين ۽ پا??ستان ۾ ڪم ڪندڙ چيني ڪمپنين جي س??ڪيورٽي کي وڌيڪ بهتر بڻائينداسين. ان موقعي تي چيني س??ير چيو ته پا??ستان ۾ چيني ڪمپنيون مختلف منصوبن تي ڪم ڪري رهيون آهن. چيني شهرين ۽ ڪمپنين لاءِ سيڪيورٽي پروٽوڪول وڌيڪ سخت ڪيو وڃي.