اسلام آباد – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان اهم وفاقي وزيرن، بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا جي وڏ?? وزيرن سان گڏ آءِ ايس آءِ سيڪريٽريٽ جو دورو ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا و??گ پا??ان جاري بيان موجب چي?? آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه، چي?? آف نيول اسٽاف ايڊمرل محمد امجد خان نيازي ۽ چي?? آف ايئر اسٽاف ايئر چي?? مارشل ظهير احمد بابر به ان موقعي تي موجود هئا. آءِ ايس آءِ جي ڊي جي ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد سيڪريٽريٽ اچڻ تي سندن استقبال ڪيو. بيان موجب اجلاس ۾ اعليٰ قو??ي ۽ عسڪري قيادت کي ملڪي سلامتي ۽ افغانستان جي تازي صورتحال جي ڏس ۾ خطي ۾ رونما ٿيندڙ تبديلين تي بريفنگ ڏني وئي، وزيراعظم قو??ي سلامتي کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ آءِ ايس آءِ جي پيشيوراڻي صلاحيتن کي ساراهيو.