فيصل آباد – 06 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وار?? مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته حڪومت کي وڌندڙ مهانگائي سبب پيدا ٿيل صورتحال جو احساس آهي، ان لاءِ حڪومت گهٽ آمدني وارن ۽ غريب ماڻهن کي مهانگائي جي لهر کان بچائڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي، ان ڏس ۾ 1 ڪروڙ 20 لک خاندانن کي احساس راشن ڪارڊز جي فراهمي لاءِ 120 ارب رپين جي ??قم رکي وئي آهي جنهن تحت انهن کي اٽو، داليون، گيهه، چانور، کنڊ ۽ ٻيون ضرورت جون شيون مارڪيٽ کان 30 سيڪڙو سستن اگهن تي ڏنيون وينديون، جيئن ئي عالمي سطح تي مهانگائي ۾ گهٽتائي ٿيندي اسان به فوري طور تي قيمتون گهٽ ڪري عوام کي هر ممڪن ريليف ڏينداسين. هلال احمر جي ??هتمام هيٺ ??ور??نا وبا دوران بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙن ۾ سرٽيفڪيٽس ورهائڻ واري تقريب جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته ??ور??نا پوري دنيا کي بري طرح متاثر ڪيو ۽ ??ور??نا جي ڪري سڄي دنيا جون معيشتون منفي ۾ هلي ويون پر پاڪستاني معيشت ??ور??نا وبا ۾ به ترقي ڪئي ۽ اسان ??ور??نا وبا دوران بهتر حڪمت عملي سان معيشت کي هلايو ۽ ??ور??نا دوران ماڻهن ک?? بيروزگار ٿيڻ نه ڏنو. هن چيو ته عالمي سطح تي کاڄرو تيل ۽ پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون ٻيڻيون ٿي ويون ۽ جيئن ته اسان اهي شيون ٻاهران درآمد ڪريون ٿا ان لاءِ اسان کي به انهي تناسب تي عمل ڪرڻو پيو. هن چيو ته ڀارت، برطانيا، آمريڪا سميت وڏين وڏين عالمي طاقتن جي ??ي ڊي پي منفي ۾ هلي وئي پر اسان جي ??ي ڊي پي 4 سيڪڙو کان به وڌيڪ تي رهي، اسان انڊسٽري بند ٿيڻ نه ڏني، اسان ??يس او پيز تحت ڪاروبار جاري رکيو ۽ ڪوويڊ ۾ به ترقي ڪئي. فرخ حبيب چيو ته ??ور??نا جي ??اوجود اسان تاريخ جي ??ڀ کان وڌيڪ برآمدات ڪئي، اسان جي گڊز ايڪسپورٽ 25.4 ارب ڊالر، ٻاهرئين ملڪ مان مٽاسٽا جو ناڻو 30 ارب ڊالر، ٽيڪسٽائيل ايڪسپورٽ گذريل 4 مهينن ۾ 6 ارب ڊالر کان ڪراس ۽ ٻيو روانگي واپار به ساڍا 9 ارب ڊالر رهيو، اهڙي طرح آءِ ٽي جي ??وانگي واپار ۾ 42 سيڪڙو اضافو نوٽ ڪيو ويو. هن چيو ته اسٽاڪ ايڪسچينجز ۾ بئنڪنگ سيڪٽر، ٽيڪسٽائيل، پيٽروليم، سيمنٽ، انرجي ۽ ٻين سيڪٽرز ۾ زبردست اضافو ٿيو. هن چيو ته اهڙي طرح لون ڊيفالٽرز جي لاءِ پاليسي ٺاهي وئي، انهن جا قرض ملتوي ڪيا ويا ۽ پي رول منصوبي تحت رقم فراهم ڪئي وئي. هن چيو ته هاڻي پاڪستان جي ??اريخ ۾ پهريون ڀيرو ??يس ايم ايز کي بنا گارنٽي هڪ ڪروڙ رپين تائين قرض ڏنو پيو وڃي، جنهن جي لاءِ انهن کي ڪا شيءَ گروي رکرائڻ جي ??رورت نه آهي. فرخ حبيب چيو ته اسان اهو سڀ ڪجهه وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ ڪوويڊ دوران ڪري ڏيکاريو. هن چيو ته پاڪستان ۾ لارج اسڪيل مينوفيڪچرنگ 12.5 سيڪڙو تائين وڌي آهي ۽ پاڪستاني انڊسٽري جي ??رقي جو سفر جاري آهي. هن چيو ته گاڏين، موٽرسائيڪلن جي ??ڪارڊ سيل ٿي آهي ۽ حڪومت جي ??حساس پروگرام کي دنيا جو سڀ کان بهترين پروگرام قرار ڏنو ويو آهي. هن چيو ته پيپلزپارٽي پنهنجي ??ور ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت 70 ارب ۽ مسلم ليگ (ن) 100 ارب رپيا رکيا پر اسان وسيلا نه هجڻ جي ??اوجود احساس ڪفالت پروگرام کي 250 ارب تائين وڌايو. فرخ حبيب چيو ته 45 هزار رپين کان گهٽ آمدني وارن خاندانن جي نوجوانن کي 2 لک اسڪالرشپ ڏنيون ويون اهڙي طرح اخوت جي ??ريعي به انهن کي اربين رپين جي فراهمي جاري آهي. هن چيو ته مخالف ڌر کي گهرجي ??ه اها گوڙ ڪرڻ ۽ مايوسي پکيڙڻ ڇڏي ڏي. هن چيو ته پيٽرول 40 ڊالر ف?? بيرل مان 85 ڊالر ف?? بيرل تي هليو ويو آهي، ان لاءِ ان جي قيمت ۾ اضافو لازمي آهي پر جڏهن عالمي منڊي ۾ ان جي قيمت گهٽ ٿيندي ته اسان به قيمت گهٽ ڪري ڇڏينداسين. هن چيو ته حڪومت بي گهر ماڻهن کي گهر ٺاهڻ جي لاءِ قرض ڏئي رهي آهي ۽ ان سلسلي ۾ هيستائين 57 هزار درخواستون وصول ۽ 23 هزار جي لاءِ 80 ارب جا قرض منظور ۽ 19 ارب رپيا ورهائجي ??ه چڪا آهن. هن چيو ته آزاد ڪشمير، خيبرپختونخواهه ۽ ساهيوال ۽ ڊي جي ??ان ڊويزن ۾ هر خاندان کي صحت ڪارڊ ملي ويو آهي جڏهن ته پنجاب جي ??موري آبادي کي ايندڙ مهيني ڊسمبر جي ??خر تائين صحت انصاف ڪارڊ ملي ويندو جنهن تي هر خاندان کي 10 لک رپيا ساليانو تائين علاج جي ??هولت ميسر هوندي جنهن جي لاءِ پنجاب حڪومت 60 ارب رپيا رکيا آهن. هن چيو ته حڪومت رحمت للعالمين اسڪالرشپ، احساس اسڪالرشپ ۽ اسڪل فار آل تحت 2 لک ٻارن کي تربيت فراهم ڪري رهي آهي جنهن جي لاءِ هڪ لک ٻار انرول به ٿي ويا آهن. هن چيو ته هاءِ ٽيڪ ٽيڪنالاجي ۾ تربيت جي فراهمي جا شاندار نتيجا نڪرندا ۽ هنرمند نوجوان پاڪستان جي معيشت ۾ وڌيڪ ترقي جو سبب بڻجندا.