اسلام آباد – 11 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان سدائي?? مشڪل وقت ۾ افغان عوام جو ساٿ ڏنو آهي، عالمي برادري افغان عوام جو?? مشڪلاتون گهٽ ڪرڻ جي لاءِ پنهنجون ذميواريون پوريون ڪري، افغان عوام جي انساني بنيادن تي هر ممڪن مدد جاري رکنداسين. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته هن افغانستان ج?? وقتي پرڏيهي وزير امير خان متقي ۽ سندس وفد کي خاطري ڪرائي آهي ته اسان افغانست??ن کي انساني همدردي جي بنياد تي سموري ممڪن امداد فراهم ڪنداسين ۽ افغان عوام کي فوري ريليف فراهم ڪرڻ جي لاءِ کاڌي جون ضروري شيون، هنگامي طبي اوزار ۽ سرديءَ کان بچڻ جي لاءِ سامان موڪلي رهيا آهيون. هن چيو ته پاڪستان ج?? سفر ڪندڙ سمورن افغان شهرين کي ڪوويڊ 19 ويڪسين ??راهم ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته هو هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي برادري تي زور ڏي ٿو ته اها افغانستان ج?? عوام کي درپيش سنگين انساني بحر??ن کان بچڻ جي لاءِ پنهنجي گڏيل ذميواري پوري ڪري.