اسلام آباد – 30 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ملڪ ۾ ضرورت جي شين جون قيمتون گهٽ ٿي رهيون آهن، کنڊ جي قيمت ۾ 60 رپين کان وڌيڪ گهٽتائي ٿي، اٽي ۽ کنڊ سميت ٻين ضرورت جي شين جون قيمتون سنڌ ۾ وڌيڪ آهن، سنڌ ۾ 30 سالن کان اقتدار ۾ ماڻهو بنيادي ضرورت جي شين جون قيمتون ڪنٽرول نه ڪري سگهيا، سنڌ جو وڏو وزير پنهنجا معاملا صهيح ڪري، (ن) ليگ عدليه ۽ فوج جي خلاف مهم اسپانسر ڪئي، اميد آهي عدليه ان جو نوٽيس وٺندي ۽ ان کي منطقي انجام تائين پهچايندي، مخالف ڌر جي احتجاجي سياست موسمي آهي، اهي سردين ۾ ٻاهر ۽ گرمين ۾ غائب ٿي وڃن ٿا، پارليامينٽ جي مينڊيٽ تحت اليڪشن ڪميشن کي ايندڙ ضمني چونڊون اي وي ايم تي ڪرائڻ گهرجن، قانون رڳو اي وي ايم تي چونڊون تسليم ڪري ٿو، بادي النظر ۾ حڪومت اليڪشن ڪميشن کي انهي صورت ۾ فنڊز ڏئي سگهندي جڏهن چونڊون اي وي ايم تي ٿينديون. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چ??و ته منصوبابندي واري وفاقي وزير ۽ صحت واري خاص معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان ڪورونا جي نئين قسم اوميڪرون جي ح??الي سان ڪابينا کي بريفنگ ڏني. اجلاس کي ٻڌايو و??و ته اهو قسم آفريقا کان شروع ٿيو آهي، شروعاتي اطلاعن جي بنياد تي ان جي ڦهلاءُ جي شرح تيز آهي، ڪابينا عوام جي تحفظ لاءِ ماسڪ جي استعمال، سماجي فاصلي ۽ ويڪسي نيشن جي ترغيب ڏني آهي. هن چ??و ته موجوده ويڪسينز ان وائرس جي لاءِ ڪيتريون موثر آهن ان جو پتو لڳائڻ جي لاءِ ٻه کان ٽي هفتا گهربل هوندا. وفاقي ڪابينا صوبائي حڪومتن ۽ عوام کي درخواست ڪئي آهي ته اهي فوري طور تي ويڪسي نيشن مڪمل ڪرائين. اطلاعات واري وفاقي وزير چ??و ته اسان جهڙي طرح گذريل چئن لهرن جو مقابلو ڪيو آهي، اهڙي طرح پنجين لهر کي به ڪاميابي سان منهن ڏينداسين. چوڌري فواد حسين چ??و ته وفاقي ڪابينا کي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين حاصل ڪرڻ، عملي جي تربيت، لاڳاپيل ادارن جي ذميوارين، عوامي آگاهي مهم ۽ مقرر وقت ۾ پهچ جي ح??الي سان بريفنگ ڏني وئي. هن چ??و ته اليڪشن ڪميشن کي اڳتي سموريون ضمني چونڊون اي وي ايم تي ڪرائڻ گهرجن، جيڪڏهن چونڊون اي وي ايم تي نه ٿيون ٿين ته حڪومت ان جي لاءِ فنڊز جاري نه ڪري سگهندي. هن چ??و ته قانون رڳو اي وي ايم تي چونڊن کي تسليم ڪري ٿو، قانون واري وزير جو به يال آهي ته بادي النظر ۾ حڪومت اليڪشن ڪميشن کي انهي صورت ۾ فنڊز ڏئي سگهندي جڏهن چونڊون اي وي ايم تي ٿينديون. چوڌري فواد حسين چ??و ته اليڪشن ڪميشن ان معاملي تي پارليامينٽ جي مينڊيٽ م??جب اڳتي وڌي ۽ چونڊ عمل کي اي وي ايم تي منتقل ڪري. چوڌري فواد حسين چ??و ته وفاقي ڪابينا تڪ اين اي 133 ۾ ضمني چونڊن دوران ووٽن کي پئسن سان خريد ڪرڻ جي مبينا وڊيو منظرعام تي اچن تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو. ڪابينا چ??و ته اهڙي قسم جا غيرقانوني قدم جمهوريت جي منافي آهن. هن چ??و ته جيڪڏهن سينيٽ جي چونڊن ۾ ووٽن جي خريداري جي وقت نوٽيس ورتو وڃي ها ته اڄ اها صورتحال نه هجي ها. هن چ??و ته ڪنهن به جمهوري ملڪ ۾ اليڪشن ڪميشن جو نظام شفاف هجڻ تمام اهميت رکندڙ آهي، اليڪشن ڪميشن تي سمورن ماڻهن جو اتفاق هجڻ گهرجي. هن چ??و ته اليڪشن ڪميشن کي وائرل ٿيندڙ وڊيو جي معاملي کي منطقي انجام تائين پهچائڻ گهرجي. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌا??و ته سعودي عرب کان ٽي ارب ڊالر اسٽيٽ بئنڪ منتقل ٿيڻ جي لاءِ سمورا ضابطا مڪمل ٿي ويا آهن، 1.3 ارب ڊالر ماليت جي تيل جي فراهمي جي لاءِ پڻ سمورو ضروري ڪم مڪمل ٿي ويو آهي. اهڙي طرح آءِ ٽي ايف سي 762 ملين ڊالر اضافي پاڪستان کي ڏنا آهن، انهن قدمن سان فوري طور تي ڊالر جي قيمت ۾ استحڪام جو امڪان آهي. هن ٻڌا??و ته وفاقي ڪابينا کي ضرورت جي شين جي ح??الي سان هفتيوار قيمتن تي بريفنگ ڏني وئي. ضرورت جي شين جي قيمتن ۾ مسلسل گهٽتائي اچي رهي آهي. هڪ مهيني جي اندر کنڊ جي قيمت ۾ 60 رپين کان وڌيڪ جي گهٽتائي ٿي، کنڊ جي قيمت ۾ اضافو بنيادي طور تي سنڌ حڪومت پاران ڪريشنگ سيزن دير سان شروع ڪرڻ جي ڪري ٿيو. هن چ??و ته سنڌ ۾ 30 سالن کان اقتدار ۾ ماڻهو بنيادي ضرورت جي شين جون قيمتون ڪنٽرول نه ڪري سگهيا، اٽي ۽ کنڊ جون قيمتون سنڌ ۾ وڌيڪ آهن، سنڌ جو وڏو وزير پنهنجا معاملا صحيح ڪري، 40 سيڪڙو پرائس انڊيڪس ڪراچي سان واڳيل آهي، ڪراچي ۾ قيمتون وڌيڪ ٿين ٿيون ته اهو انڊيڪس مٿي هلي وڃي ٿو. هن بڌا??و ته ٽماٽي جي قيمت ۾ 15.4 سيڪڙو، بصر جي قيمت 7.4 سيڪڙو، چڪن ۾ 6.6 سيڪڙو، ڪڻڪ جي اٽي جي ٿيلهي جي قيمت ۾ 1 سيڪڙو گهٽتائي ٿي. ايل پي جي جي قيمت ۾ 0.7 سيڪڙو گهٽتائي ٿي، چانور ۾ 0.6 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چ??و ته هن سال چانور جي بمپر فصل آهي، 4.75 ارب ڊالر جي پرڏيهي ناڻي جو امڪان آهي، جيڪو چانور جي برآمدات سان ملندو. هن ٻڌا??و ته هن وقت راولپنڊي، گوجرانوالا، لاهور، فيصل آباد، سرگوڌا ۽ ملتان ۾ 20 ڪلو اٽي جو ٿيلهو 1100 رپين جو آهي، ڪراچي ۾ اٽي جو ٿيلهو 1404 رپيا ۽ حيدرآباد ۾ 1443 رپين جو آهي. پشاور ۾ اٽي جو ٿيلهو 1100 رپين، بنون ۾ 1147 رپين جو آهي جڏهن ته ڪوئيٽا ۽ خضدار ۾ اٽو ڪراچي کان اچي ٿو، جتي ترتيبوار 1400 رپيا ۽ 1386 رپيا قيمت آهي. هن چ??و ته هن وقت سڀ کان مهانگو اٽو حيدرآباد ۾ 1443 رپيا ۽ ان کانپوءِ ڪراچي ۾ 1404 رپيا آهي جڏهن ته پوري پاڪستان ۾ 20 ڪلو اٽي جي ٿيلهي جي قيمت 1100 رپيا آهي. هن وڌيڪ ٻڌا??و ته راولپنڊي، گوجرانوالا، لاهور، فيصل آباد، سرگوڌا، ملتان، بنون ۽ پشاور ۾ 90 رپيا في ڪلو کنڊ وڪرو ٿي رهي آهي، ڪراچي ۾ 100 رپيا ۽ خضدار ۾ 96 رپيا في ڪلو آهي، باقي جاين تي کنڊ 90 رپيا في ڪلو ۾ دستياب آهي. دال مک ۽ چڻن جي قيمت به اڪثر شهرن ۾ 115 رپيا ۽ 142 رپين جي وچ ۾ آهي جڏهن ته ڪراچي ۾ چڻن جي قيمت 195 رپيا ۽ حيدرآباد ۾ 159 رپيا ڪلو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چ??و ته بدقسمتي سان سنڌ حڪومت پنهنجي معاملن کي نه ڏسي رهي آهي، ڪراچي ۽ حيدرآباد جي مهانگائي جي ڪري مجموعي حساس اشاريه جو انڊيڪس خراب ٿي رهيو آهي، سواءِ چانهه جي?? پاڪستان، انڊيا، بنگلاديش ۽ سريلنڪا ۾ شين جي ڀيٽ ڪر??و ته ٻيون سموريون شيون هن خطي ۾ سڀ کان سستيون پاڪستان ۾ اهن. چانهه جي پتي پاڪستان ۾ 1309 رپيا في ڪلو آهي، بنگلاديش ۾ 897 رپيا، انڊيا ۾ 1203 ۽ سريلنڪا ۾ 1170 رپيا في ڪلو آهي، ڪڻڪ، داليون، کنڊ، ڪوڪنگ آئل، پٽاٽا، بصر، چڪن، بيضا هن ريجن ۾ سڀ کان وڌيڪ سستا پاڪستان ۾ آهن. هن چ??و ته عالمي سطح تي مهانگائي جي باوجود جيڪي قدم ممڪن هئ??، اسان کڻي رهيا آهيون. اطلاعات واري وفاقي وزير چ??و ته يوريا جي پاڪستان ۾ قيمت 1700 رپيا في بيگ آهي جڏهن ته عالمي منڊي ۾ يوريا جي قيمت 10500 رپيا في ٻوري آهي. هن چ??و ته سنڌ ۾ اوچتو يريا جي کپت 53 سيڪڙو وڌي وڃي ٿي، سنڌ ۾ يوريا جي ذخيره اندوزي جي ڪري پنجاب جي آبادگارن کي بليڪ ۾ يوريا ملي ٿي، ان تي سنڌ حڪومت کي جواب ڏيڻ گهرجي ۽ ان ذخيره اندوزي کي هر صورت ۾ ختم ڪرڻ گهرجي. هن چ??و ته پنجاب م يوريا جي قيمتن م اضافي جو اسان نوٽيس ورتو، يوريا جي قيمت ۾ 400 رپيا في ٻوري گهٽتائي آئي، 347 ايف آءِ آر داخل ڪيون، 244 گرفتاريون ٿيون، 21 هزار 111 انسپيڪشنز ٿيون، 480 ويئر هائوس سيل ڪيا ويا، ٽي ڪروڙ جي لڳ ڀڳ ڏنڊ ڪيا ويا. هن چ??و ته سنڌ ۾ اهڙا قدم نه کنيا ويا، بدقسمتي سان اهي پاڻ ئي ان ذخيره اندوزي ۾ ملوث آهن اهي ڪنهن جي تلاشي وٺندا، پنهنجي ڪابينا جي تلاشي ته وٺي نه ٿا سگهن. چوڌري فواد حسين چ??و ته وفاقي ڪابينا پيٽروليم ڊويزن ذيلي ادارن ۾ ايم ڊي ۽ سي اي اوز جي خالي جاين جي ح??الي سان بريفنگ ڏني. ڪابينا کي آگاهه ڪيو و??و ته هن وقت چار جايون آهن جن تي مقررين جو عمل جاري آهي. هن ٻڌا??و ته هوابازي واري وزارت جي سفارش تي ڪابينا ميسرز سيرينا ايئر، ميسرز ايئر بليو، ميسرز پي آءِ اي سي ايل ۽ ميسرز جيٽس پرنڪلي کي قومي هوابازي پاليسي 2019ع تحت هوابازي لائيسنس جي تجديد جي منظوري ڏني. هن ٻڌا??و ته ڪابينا هوابازي واري وزارت جي سفارش تي سول ايوي ايشن اٿارٽي رولز تحت هوائي اڏن جي ڀرپاسي ۾ قائم ڊگهين عمارتن جي حد مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني. اسلام آباد بليو ايريا ۾ عمارتن جي اونچائي جي حد 1000 فٽ مقرر ڪئي وئي آهي. ان فيصلي سان شهرن جي حدن جي اجائي ڦهلاءُ کي روڪڻ، سرسبز کي بچائڻ ۽ زرعي زمين کي برقرار رکڻ ۾ پڻ مدد ملندي. هن چ??و ته موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير ملڪ امين اسلم کي ذميواري ڏني وئي آهي ته لاهور ۽ ٻين شهرن ۾ سموگ جي ح??الي سان ڊگهي مدي واري پاليسي جوڙي. هن چ??و ته واپار واري وزارت جي سفارش تي ڪابينا تهران ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ عملي کي هارڊ شپ پاليسي تحت وطن واپسي تي ذاتي استعمال جون گاڏيون درآمد ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي. گهرووزارت جي سفارش تي ڪابينا ٻاهرئين ملڪن مان تبليغي جماعت جي پاڪستان ايندڙ ماڻهن جي لاءِ ويزا جو مدو 120 ڏينهن مان وڌائي 150 ڏينهن ڪرڻ جي منظوري ڏني. ڪابينا تبليغي جماعت جي لاءِ 45 ڏينهن جي ويزا آن ارائيول ڏيڻ جي منظوري پڻ ڏني. ويزا آن لائين پورٽ ذريعي حاصل ٿيندو. ڪابينا ايمپلائيز اولڊ ايج بيني فٽس (اي او بي آءِ) جي چيئرمين جي مقرري جي لاءِ طريقيڪار جي منظوري ڏني آهي. اها مقرري چٽاڀيٽي عمل تحت مئنيجمينٽ پوزيشن اسڪيل پاليسي 2020ع تحت ڪئي ويندي. هن چ??و ته سمنڊ پار پاڪستانين واري وزارت جي سفارش تي ڪابينا اوورسيز ايمپلائمنٽ پروموٽرز لائيسنسز جاري ڪرڻ جي منظوري ملتوي ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي آهي ته ايف آءِ اي هيومن ٽريفڪنگ جي ح??الي سان ٺوس پروگرام شروع ڪري ۽ انساني اسمگلنگ ۾ ملوث عنصرن کي گرفتار ڪري. هن ٻڌا??و ته اتڪل ساڍا 16 لک ماڻهو مختلف ويزائن تي ٻاهر ويا آهن، اسان چاهيون ٿا ته اهو پتو لڳايو وڃي ته اها سمورا ويزا جائز طريقي سان استعمال ٿيا، ان تي ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چ??و ته سردين جي لاءِ گئس لوڊ مئنيجمينٽ پلان جي پڻ منظوري ڏني وئي آهي. گذريل سال اسان جي گئس جا ذخيرا 9 سيڪڙو گهٽ ٿيا هئ??، هن سال ٻيهر 9 سيڪڙو گهٽ ٿي رهيا آهن. گئس جي نئين ذخيرن جي ڳولا ۾ ايتري وڏي ڪاميابي نه ملي رهي آهي، جيڪي گئس جا ذخيرا موجود آهن ان جو اڪثر حصو استعمال ڪري چڪا آهيون. اسان کي ايندڙ چئلينج اهو درپيش هوندو ته اسان جي پنهنجي گئس نه هوندي، سوئي گئس جي ذخيرن جو وڏو ذخيرو گهٽ ٿي رهيو آهي، ان جي لاءِ متبادل حڪمت عملي اختيار ڪرڻ ضروري آهي. ميڊيا ۾ گئس تي تمام گهڻو زور ڏنو وڃي ٿو پر پوري ملڪ ۾ رڳو 28 سيڪڙو ماڻهن کي گئس ميسر آهي جڏهن ته جهلم، ميانوالي، بکر، ليه، ڊيره اسماعيل خان ۽ ٻين جاين تي رهندڙن کي گئس ميسر نه آهي. پاڪستان جي وڏي آبادي 28 سيڪڙو آبادي جي لاءِ قرباني ڏئي رهي آهي. اسان کي اهڙي پاليسي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي ته 100 سيڪڙو آبادي ان مان فائدو کڻي سگهي. ان لاءِ اسان جيڪي قدم کڻي رهيا آهيون ان ۾ سي اين جي سيڪٽر کي پهرين ڊسمبر 2021ع کان 15 فيبروري 2022ع تائين بند ڪيو پيو وڃي. آ3 پي پيز ۽ ڀاڻ فيڪٽرين کي گئس جي فراهمي 100 سيڪڙو جاري رهندي، ايڪسپورٽ سيڪٽر جي صنعتن کي گئس جي فراهمي جاري رهندي، ايل اين جي تي هلندڙ پاور پلانٽس کي 5 سيڪڙو اضافي گئس ڏني ويندي، اسان گهريلو صارفين جي لاءِ سردين ۾ بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪئي آهي ته جي??ن اهي هيٽر ۽ گيزر جي لاءِ بجلي استعمال ڪري سگهن. 12.96 رپيا في ڪلو واٽ اسٽينڊرڊ ريٽ في يونٽ ڏنو ويو آهي ته جي??ن ماڻهو بجلي جي استعمال طرف اچن. هن چ??و ته سي اين جي?? سيمنٽ ۽ ڪيپيسٽو پاور کان بچندڙ گئس گهريلو صارفين جي لاءِ استعمال ڪئي ويندي. هن ٻڌا??و ته اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي سفارش تي ڪابينا آءِ ٽي اين اي جي چيئرمين ۽ پريس ڪائونسل آف پاڪستان جي چيئرمين جي مقررين جي لاءِ سليڪشن بورڊ قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي. آءِ ٽي اين اي جي چيئرمين جي لاءِ سليڪشن بورڊ اطلاعات واري وزير، اطلاعات واري سيڪريٽري، اطلاعات واري ايڊيشنل سيڪريٽري، گريڊ 21 جي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ۽ قانون واري وزارت جي نمائندن تي ٻڌل هوندو. هن چ??و ته پريس ڪائونسل آف پاڪستان جي چيئرمين جي لاءِ سيلڪشن بورڊ اطلاعات واري وزير، اطلاعات واري سيڪريٽري، اطلاعات واري ايڊيشنل سيڪريٽري، اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ۽ قانون واري وزارت جي نمائندن تي ٻڌل هوندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چ??و ته ڪابينا ڪورونا وائرس جي ڏس ۾ انساني همدردي جي بنياد تي تيونس کي امدادي سامان فراهم ڪرڻ جي منظوري ڏني. امدادي شين ۾ 50 هزار ماسڪ، 10 هزار پروٽيڪشن سوٽ، 5 هزار سرجيڪل گائون ۽ 10 هزار دستانا شامل آهن. هن چ??و ته افغانستان کي 50 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ موڪلي رهيا آهيون. چوڌري فواد حسين ٻڌا??و ته وفاقي ڪابينا محمد سليم کي نجڪاري ڪميشن جو چيئرمين مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي. هن چ??و ته صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير خسرو بختيار ڪابينا کي ملڪ ۾ ڀاڻ جي موجوده اسٽاڪ ۽ قيمتن جي ح??الي سان تفصيلي بريفنگ ڏني. خسرو بختيار ان حوالي سان تفصيلي پريس ڪانفرنس ڪندو. هن ٻڌا??و ته او آءِ سي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جو خصوصي اجلاس پاڪستان ۾ منعقد ٿيندو، اسان جي ڪوشش آهي ته افغانستان جي اندر انساني الميي بابت هڪ اجلاس منعقد ڪرايو وڃي ان ۾ اهي سموريون شيون بحث هيٺ اچن، هاڻي اهو اجلاس پاڪستان ۾ منعقد ٿي رهيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چ??و ته مخالف ڌر جي احتجاجي سياست موسمي آهي، اهي سردين ۾ ٻاهر ۽ گرمين ۾ غائب ٿي وڃن ٿا. هن چ??و ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ رانا شميم جي بيان حلفي جي ح??الي سان ٻڌڻي ٿي، ان ڳالهه تي ح??رانگي ٿي ته رانا شميم بيان ڏنو ته اهو بيان حلفي سندس نه آهي، هاڻي سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته لاڪڊ بيان حلفي اخبار تائين ڪيئن پهتو، ائين لڳي رهيو آهي ته اهو بيان حلفي نواز شريف ذريعي ان اخبار تائين پهتو. هن چ??و ته (ن) ليگ عدليه ۽ فوج جي خلاف مهم اسپانسر ڪئي، ان ۾ ميڊيا جا ڪجهه ماڻهو به شامل آهن، اميد آهي عدالت ان جو ڀرپور نوٽيس وٺندي ۽ ان کي منطقي انجام تائين پهچايو ويندو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چ??و ته ڪورونا ويڪسين جي ح??الي سان آڊٽ اعتراضن تي ناڻي واري وزارت تفصيلي طور تي جواب ڏنو آهي، اڪثر ماڻهن کي آڊٽ جي پراسيس جي خبر نه آهي. هڪ آڊٽ اعتراض آهي ته سموري ويڪسين پي آءِ اي جي ذريعي اچڻ گهرجي ها ان سان خرچ گهٽ ٿين ها پر جيڪڏهن يورپي ملڪن ۾ پابندي آهي ته اسان پي آءِ اي ذريعي ڪيئن ويڪسين گهرايون ها. اهڙي طرح احساس پروگرام جي ح??الي سان ڪجهه اعتراض اهي آيا ته ڪجهه امنهن کي پئسا جاري ٿيا پر اهي وٺڻ نه آيا، ان جا ڪيترائي سبب آهن، ڪنهن جو سڃاڻپ ڪارڊ ايڪسپائر هو ۽ ڪنهن جو لاڏاڻو ٿي ويو، اهي پئسا واپس ٿي ويا. ان تي ثانيه نشتر تفصيلي جواب ڏنو آهي. اي وي ايم تي چونڊون ڪرائڻ جي ح??الي سان سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چ??و ته ڪا چونڊيل حڪومت هجي يا نگران حڪومت، ان وقت تائين اڳتي نه ٿي وڌي سگهي جي??تائين ان کي قانون اجازت نه ڏي، جيڪا به قانوني راءِ هوندي، اسان ان م??جب اڳتي وڌنداسين.