اسلام آباد – 16 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته مالياتي پابندين ۽ منجمند اثاثن افغانستا?? جي بئنڪنگ نظام کي مفلوج ڪري ??ڏيو آهي، افغانستان تي پابنديون دهشتگردي جي خاتمي ۽ اسمگلنگ جي مقصدن کي ختم ڪري سگهن ٿيون، منجمند اثاثا انساني مقصدن لاءِ فنڊ?? جي منتقلي ۾ رڪاوٽ آهن، انساني جانيون بچائڻ لاءِ پابندين تي نظرثاڻي اڻٽر آهي. خميس ڏينهن ”خليج ٽائمز“ ۾ شايع پنهنجي هڪ آرٽيڪل ۾ پرڏيهي وزير چيو ته افغانستا?? جي منجمند اثاث?? جي بحالي انساني جانيون بچائڻ لاءِ انتهائي اڻٽر آهي ۽ ان ۾ وڌيڪ دير معاشي بدحالي جو سبب بڻجي سگهي ٿي.هن چيو ته ان قسم جو منظرنامو دهشتگردي جي خاتمي ۽ اسمگلنگ جي اسا?? جي گڏيل مقصدن کي ختم ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته منجمند اثاثا پبلڪ سروسز، تعليم ۽ صحت جهڙن اهم شعبن ۾ ملازم?? جي پگهار?? جي ادائيگي ۾ بنيادي رڪاوٽ به آ??ن، پرڏيهي وزير چيو ته افغانستا?? جي عوام کي فوري ??يان گهربل آهي، افغانستان کي متاثر ڪندڙ انساني الميي شايد اڄ دنيا جو بدترين الميو آهي، گڏيل قومون خطري جو ادارڪ ڪيو آهي، گڏيل قوم?? جي سيڪريٽري جنرل انتيونيو گيوترس چيو ته افغان عوام ڪيترن ئي ڏهاڪ?? جي جنگ ۽ عدم تحفظ کانپوءِ مشڪل ترين حالتن کي منهن ڏئي رهيو آهي، هن چيو ته ڪيترن ئي ڊونرز، گڏيل قومن، عالمي تنظيمن ۽ انساني همدردي جي ادار?? جي فراخدلي جي ڪري ??اڌي پيتي جون شيون ۽ زندگي بچائيندڙ ٻين اهم شي?? جي فراهمي جي ذريعي مدد ڪئي وئي آهي، محدود وسيل?? جي باوجود پاڪستان 3 ڪروڙ ڊالر کان وڌيڪ انساني همدردي جي بنياد تي مدد فراهم ڪري رهيو آهي، ان هيومينٽرين سپلائز لاءِ فضائي ۽ زميني برج فراهم ڪيو ۽ راهداري واپاري ۾ سهولت ڏني تنهن هوندي به اڃان به تمام گهڻي انساني همدردي ۽ ٻي مدد جي ضرورت آهي، پرڏيهي وزير چيو ته گڏيل قومن جو ڪاٿو آهي ته 5 لک افغان شهري داخلي طور تي بي گهر ٿيا آهن، تقريبن 22.8 ملين افغان ماڻهن کي شديد غذائي کوٽ درپيش آهي، ورلڊ فوڊ پروگرام موجب هلندڙ سردي جي موسم ۾ لکين افغاني رهواسين کي بک يا لڏپلاڻ مان هڪ جي چونڊ ڪرڻي پوندي، ميڊيا رپورٽس مان اشارو ملي ٿو ته هزارين افغاني ملڪ ڇڏڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن، ڊگهي تڪرار، ٻهراڙي جي علائقن ۾ ڏڪار، شهري علائقن ۾ اقتصادي سرگرمين ۾ رنڊڪ ۽ ڪورونا جي سماجي ۽ اقتصادي اثر?? جي نتيجي ۾ افغانستا?? جي عوام کي شديد مشڪلاتون درپيش آهن، شاهه محمود قريشي چيو ته شديد سردي جي موسم ۽ ڏورانهن علائق?? جي بنياد تي افغانستان ۾ ضروري شي?? جي چرپر جا چئلينجز به درپيش آهن، گورننس جو نازڪ ڍانچو، سرمائي جي شديد کوٽ ۽ مالياتي پابنديون ملڪ ۾ اقتصادي طور تي شديد مشڪل صورتحال جي عڪاسي ڪن ٿيون جنه?? جي نتيجي ۾ انساني مشڪلاتون وڌي رهيون آهن. پريهي وزير چيو ته افغان عوام کي هاڻي اڪيلو ڇڏڻ جو وقت نه آ??ي ۽ کين اڪيلو ڇڏڻ هڪ الميو هوندو جنه?? جي نتيجي ۾ وڏي پئماني تي لڏپلاڻ، تڪرار، عدم استحڪام ۽ دهشتگردي جنم وٺي سگهي ٿي، هن چيو ته عالمي برادري جي افغانستان ۾ انساني حق?? جي صورتحال ۽ اقتدار حصيداري جي حالت تي خدشا جائز آهن ۽ انهن خدشن جو سول، سياسي، سماجي، اقتصادي ۽ ثقافتي سطح تي ازالو ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته افغانستا?? جي اندر افغان عوام جي مدد به ضروري آهي، هن چيو ته عام افغان شهري نه ته اڳوڻي حڪمران?? جي ناڪامين جا ذميدار آهن نه ئي کين تازي واقع?? جي سزا ڏيڻ گهرجي، پرڏيهي وزير چيو ته اهو بحران اسان کي موقعو فراهم ڪري ٿو ته افغانستان لاءِ امن، سيڪيورٽي، ترقي ۽ انساني حقن لاءِ رستو هموار ڪيو وڃي ۽ ان مقصد لاءِ اسان کي عملي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، سياسي ۽ اقتصادي رابط?? جي رفتار کي تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي، پرڏيهي وزير چيو ته اهو ئي سبب آهي ته پاڪستان او آءِ سي پرڏيهي وزير?? جي ڪائونسل جو اجلاس جي اسلام آباد ۾ 19 ڊسمبر تي ميزباني ڪري رهيو آهي، اجلاس جو مقصد افغان عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ آهي ۽ افغانستان کي انساني امداد جي فراهمي لاءِ موثر چئلينج ۽ مدد ڪرڻ آهي، او آءِ سي گڏيل قومن کانپوءِ ٻي وڏي بين الحڪومتي تنظيم آهي ۽ افغان عوام جي مدد ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي، پاڪستان اميد ڪري ٿو ته او آءِ سي ميمبر ملڪ ۽ عالمي برادري ان مشڪل وقت ۾ افغان عوام کي هر ممڪن تعاون فراهم ڪندا.