اسلام آباد – 17 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ??يو آهي ته شهباز شريف ۽ حمزه شهباز اومني گروپ جا اڪائونٽ ڊائريڪٽ آپريٽ ڪيا، صرف هڪ فيڪٽري 16 ارب روپين جي مني لانڊرنگ ڪئي، ميڊيا پاڻ ان جي خلاف ڪيسن جو جائزو وٺي ۽ حقيقتون عوام جي سامهون آڻي، و??يراعظم عمران خان، خواجه آصف جي خلاف پنهنجي ڪيس ۾ گواهه جي حيثيت سان پيش ٿيو، 2012ع ۾ خواجه آصف شو??ت خانم اسپتال جي چيئرٽي تي الزام لڳايا هئا، سدائين وانگر خواجه آصف ڪوڙو ثابت ٿيندو، هنن زندگي ۾ ڪڏهن سچ ناهي ڳالهايو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، ان موقعي تي گهرو وزير شيخ رشيد احمد، مملڪتي وزير فرخ حبيب ۽ خصوصي مددگار شهباز گل به موجود هئا. اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته وزيراعظم گواهه جي حيثيت سان خواجه آصف جي خلاف پنهنجي ڪيس ۾ پيش ٿيو آهي، قانون واري وزارت اسلام آباد ۾ جيڪو نئون نظام جوڙيو آهي ان تحت گواهه وڊيو ڪانفرنس جي ذريعي پنهنجي ڪيسن ۾ پيش ٿي سگهن ٿا، ان جو عملي طور تي آغاز ٿي ويو آهي، چوڌري فواد حسين ??يو ته خواجه آصف 2012ع ۾ الزام لاڳو ڪيو هو ته شو??ت خانم اسپتال ۾ چيرٽي جا پئسا غط استعمال ٿيا، 2012ع جي ڪيس جو اڃان تائين فيصلو نه ٿي سگهيو، هن ??يو ته شو??ت خانم اسپتال 70 ارب روپيا هر سال غريب ماڻهن جي علاج تي خرچ ڪندو آهي، اهڙي طرح جا الزام لڳايا ويندا ته پاڪستان ۾ چيرٽي جو ڪم ڪير ڪندو؟ وفاقي وزير ??يو ته ??مي?? آهي ته ان ڪيس جو جلد فيصلو ٿيندو، سدائين وانگر خواجه آصف ڪوڙو ثابت ٿيندو. هن زندگي ۾ ڪڏهن به سچ ناهي ڳالهايو، وفاقي وزير ??يو ته پنجاب ڪميٽي جي اجلاس ۾ خانيوال اليڪشن جي حوالي سان معاملو بحث هيٺ آيو، و??يراعطم خانيوال اليڪشن تي عدم اعتماد جو اظهار ڪيو آهي، هن ??يو ته اليڪشن ۾ خاميون کي ختم ڪرڻ گهرجي ته جيئن هارس ٽريڊنگ جو خاتمو ٿي سگهي. هن ٻڌايو ته پنجاب ڪميتي جي اجلاس ۾ بلدياتي چونڊن تي به تفصيل سان ڳالهه ٿي، پنجاب ۾ ڊسٽرڪٽ ميئرز لاءِ ??مي??وارن کي فائنل ڪرڻ جي باري ۾ اعليٰ سطحي ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي جيڪا هر جمعي تي پنهنجو اجلاس منعقد ڪندي، اسپوڪس پرسنز جي ميٽنگ جي حوالي سان وفاقي وزير ٻڌايو ته توانائي واري وفاقي وزير حماد اظهر گئس جي معاملي تي اجلاس کي بريفنگ ڏني، هن ??يو ته سوئي ناردرن گئس ڪمپني جي 2300 انڊسٽريل يونٽس مان 1800 انڊسٽريل يونٽس کي گئس جي سپلائي مڪمل طور تي جاري آهي، حڪومت جي لاءِ 2100 کان 2300 روپين ۾ گئس خريد ڪري 600 کان 700 روپين ۾ ڏيڻ ممڪن نه آهي، هن ??يو ته ڪيپسٽو پلانٽس کي گئس ڏيڻ جو مطلب اهو آهي ته مقامي صارفين لاءِ گئس مڪمل طور تي بند ڪئي وڃي، چوڌري فواد حسين ??يو ته توانائي واري وزارت جو موقف آهي ته ڪيپسٽو پلانٽس غير فعال آهن، وڌيڪ سبسڊي ڏيڻ درست نه آهي ڇو ته اهي پلانٽس گئس مان بجلي ٺاهي رهيا آهن، بجلي پهرين وڌيڪ آهي ان تي رعايتي اگهه هلي رهيا آهن، هن ??يو ته ڪراچي ۾ گئس جو مسئلو وڌيڪ آهي، ڪراچي ۾ 50 ٽاپ ايڪسپورٽرز کي گئس ڏني پئي وڃي، ڪراچي ۾ ڊوميسٽڪ نيٽ ورڪ جي ڪري مسئلو وڌيڪ شديد آهي. هن ??يو ته پاڪستان م گئس جي ذخيرن ۾ گذريل سال 9 سيڪڙو گهٽتائي ٿي ۽ هن سال وري 9 سيڪڙو گهٽ ٿي، اسان پنهنجي ڪيرج صلاحيت موجب گئس گهرائي، مهانگي ايل اين جي درآمد ڪري ڊوميسٽڪ استعمال ۾ نٿي ڏئي سگهجي، چوڌري فواد حسين ??يو ته گهرو معاملن ۽ احتساب بابت صلاحڪار شهزاد اڪبر شهباز شريف جي معاملي تي اجلاس ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني، شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي خلاف مني لانڊرنگ جا ڪيسز هڪ سال پهرين سامهون آيا هئا، شهباز شريف ۽ حمزه شهباز اومني گروپ جي اڪائونٽس زرداري گروپ وانگر آپريٽ ڪيا، زرداري گروپ اهي اڪائونٽ ڊائريڪٽ آپريش نه ڪيا هئا پر شهباز شريف ۽ حمزه شريف ڊائريڪٽ آپريٽ ڪيا، هن ٻڌايو ته 18 ماڻهن جي 17 هزار ٽرانزيڪشنز کي چيڪ ڪيو ويو، 16 ارب روپيا صرف هڪ فيڪٽري شهباز شريف اينڊ فميلي جي مني لانڊرنگ ڪئي، هن ??يو ته شهباز شريف ڪيس ۾ اهو ٽپ آف دي آئس برگ آهي، هن ??يو ته ميڊيا پاڻ شهباز شريف ۽ حمزه شهباز شريف جي ڪيسن جو موازنو ڪري ۽ حقيقتون عوام جي سامهون آڻي، هن ??يو ته روزاني جي بنياد تي ٻڌڻي ٿئي ته نواز شريف کانپوءِ شهباز شريف به سزا کان قطئي طور تي بچي نٿو سگهي، صرف هڪ ئي چانس آهي ته ٻڌڻي نه ٿئي جنهن جي لاءِ اهي پوري ڪوشش ڪندا.