اسلام آباد – 28 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ??هي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي قيادت ٻطرفن ڀائراڻن لاڳ??پن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ لاءِ پرعزم آهي. اها ڳالهه هن پاڪستان ۾ مقرر سعودي عرب جي سفير نواف المالڪي سان ڳالهائيندي چئي جنهن ساڻس پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزير چيو ??ه پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ هڪجهڙي عقيدي، ثقافت، تاريخ ۽ اسٽريٽجڪ تعاون جي بنياد تي ٻڌ?? ڀائراڻا لاڳاپا آهن. هن چيو ??ه ٻنهي ڀائر ملڪن جي قيادت ٻطرفن ڀائراڻن لاڳ??پن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ لاءِ پرعزم آهي، ٻنهي ڀائر ملڪن هر مشڪل گهڙي ۾ هڪٻئي جي مدد ڪئي. مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ??ه پاڪستان جي تعمير ۽ ترقي ۾ سعودي حڪومت جي تعاون کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا.