اسلام آباد – 27 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڇوڪرين جي تعليم لاءِ موثر قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ع??لم سڳورن ۽ مسجدن جو معاشري ۾ تمام وڏو ڪردار آهي، حڪومت ڇوڪرين کي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اسڪول ??ڻڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، عورتن کي تعليم يافته بڻائڻ ۾ ع??لم سڳورا موثر ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ ڇوڪرين جي تعليم جي فروغ لاءِ قومي مهم جي لانچنگ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو، تقريب ۾ خاتون اول ??يگم ثمينه عارف علوي، اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر قبله اياز، پاڪست??ن الائنس فار گرلز ا??جوڪيشن (پيج) جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر فجر رابعه پاشا، ع??لم سڳورا ۽ تعليمي ماهرن شرڪت ڪئي، صدر تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ڇوڪرين کي تعليم جي زيور سان آراسته ڪرڻ لاءِ ع??لم سڳورا معاشري ۾ مثبت انداز ۾ پيغام پهچائي سگهن ٿا، ع??لم سڳورا ڪورونا جي باري ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، هن چيو ته 32 سيڪڙو ڇوڪريون پرائمري تعليم کان محروم آهن، حڪومت احساس پروگرام تحت اسڪالرشپس پروگرام شروع ڪيو، عورتن کي بينادي تعليم ڏئي پيرن تي بيهاري سگهجي ٿو، اسلام پهريون مزهب آهي جنهن عورتن کي معاشري ۾ مقام ڏنو، ع??لم سڳورا ڪڏهن به ڇوڪرين جي تعليم جي مخالف ناهن رهيا، صدر چيو ته ڇوڪرين کي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ معاشري ۾ تحفظ فراهم ڪرڻ اهم آهي ، ع??لم سڳورن جو پيغام معاشري ۾ وڏي اهيمت رکي ٿو، عورتن کي هنر مند بڻائڻ ۽ تعليم ڏيڻ کانسواءِ ترقي ممڪن نه آهي، صدر چيو ته ع??لم ڇوڪرين جي تعليم ۾ ڪڏهن مزاحمت ناهي ڪئي، سر سيد احمد خان ڪيتريون ئي ڪوششن کانپوءِ ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي جديد تعليم حاصل ڪرڻ تي آماده ڪيو، حڪومت ڇوڪرين جي تعليم کي انتهائي اهميت ڏئي رهي آهي، ڇوڪرين جي تعليم جي باري ۾ ع??لم سڳورن جو پيغام معاشري ۾ اهميت رکي ٿو، هن چيو ته مسجدون تعليم جي مرڪزن جو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون، ع??لم سڳورا ۽ مشائخ ڪورونا وبا جي دوران معاشري جي رهنمائي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، صدر چيو ته عورتن جي اسڪل ڊولپمينٽ ضروري آهي، اسلام 14 سئو سال اڳ عورتن کي حق ڏنا ۽ کين معاشري ۾ نمايان مقام ڏنو. صدر مسجد جي ڪردار کي اجاگر ڪندي چيو ته معاشرتي مسئلن جي حل لاءِ مسجد کان عوام کي آگاهي ڏيڻي پوندي، ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ع??لم اسڪولن کان ٻاهر ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ فجر کان ظهر تائين مسجدن ۾ تعليم جو اهتمام ڪرڻ جي پهرين ئي تجويز ڏني آهي، تقريب کي خطاب ڪندي اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر قبله اياز چيو ته ڇوڪرين جي تعليم جو صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ خاتون اول ??يگم ثمينه عارف علوي جو هدف دلين جي گهڻو ويجهو آهن، هن چيو ته ڇوڪرين جي تعليم لاءِ لائحه عمل طئي ڪري رهيا آهن، پاڪست??ن الائنس فار گلز ا??جوڪيشن اسٽار اسڪولز جي ذريعي منزل کي حاصل ڪرڻ لاءِ پيشقدمي شروع ڪئي آهي جنهن ۾ اسلامي نظرياتي ڪائونسل ۽ ع??لم سڳورن جو تعاون به شامل آهي. ڊاڪٽر قبله اياز چيو ته ان جي ڪوسشن جي نتيجي ۾ پاڪستان هڪ باوقار ملڪ جي حيثيت سان سڃاتو ويندو. هن اميد ظاهر ڪئي ته ايوان صدر جي سرپرستي ۾ ڇوڪرين جي تعليم لاءِ عملي قدم کڻڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسين، ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر پاڪست??ن الائنس فار گرلز ا??جوڪيشن فجر رابعه پاشا تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان جا ع??لم سڳورا ڇوڪرين جي تعليم جا حامي آهن، ڇوڪرين جي تعليم لاءِ ڪيل ڪوششون مديني جي رياست طرف اهم قدم آهي، هن چيو ته سندن ادارو 129 غير رسمي تعليمي ادارا هلائي رهيو آهي جنهن ۾ ڇوڪرين جي تعليم طرف ڌيان ڏنو پيو وڃي، صدر ڊاڪٽر عارف علوي تقريب ۾ ڇوڪرين جي تعليم جي باري ۾ قومي مهم جو باقاعده آغاز ڪري ڇڏيو.