اسلام آباد – 07 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مل?? ۾ روزاني 25،000 ٽن يوريا جي پيداوار ٿيندي آهي جيڪا اسان جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي، جيڪي ماڻهو هٿرادو کو?? پيدا ڪرڻ ۾ ملوث آهن انهن سان سختي سان منهن ڏنو ويندو.
اهڙن خيالن جو اظهار هن مل?? ۾ ڀاڻ خاص ??ور تي ي??ريا جي گهرج ۽ پهچ جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته گذريل سال مل?? ۾ ڪڻڪ، ڪمند، ڪپهه ۽ مڪئي جا رڪارڊ بمپر فصل پيدا ٿيا ۽ حڪومت جي زراعت دوست پاليسين جي ڪري مالي سال 21 -2020ع ۾ آبادگارن 822 ارب روپيا اضافي آمدني حاصل ڪئي، اضافي آمدني جي نتيجي ۾ آبادگارن پاران يوريا جي وڌيڪ خريداري ٿي آهي، هن چيو ته حڪومت غذائي تحفظ کي ي??يني بڻائڻ لاءِ ڪڻڪ جي وڌ کان وڌ پيداوار لاءِ مناسب مقدار ۾ ڀا?? فراهم ڪرڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي، هن چيو ته آبادگارن کي خاص ??ور تي ايندڙ ٽن هفتن ۾ ڀاڻ جي دستيابي ڪڻڪ جي بمپر فصل مادل ڪرڻ لاءِ گهڻو اهم آهي.
وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي ربيع جي فصلن لاءِ يوريا جي سپلائي چين جي موثر انتظام لاءِ سمورا امڪاني قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. هن صوبائي چيف سيڪريٽرين کي هدايت ڪئي ته هو ضلعي انتظاميه جي ذريعي ڀاڻ جي ذخيره اندوزي، اسمگلنگ ۽ سپلائي چين کان ٻاهر مڊل مين جي ذريعي خريداري کي روڪڻ لاءِ موثر قدم کڻي، هن سمورن لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو ڀاڻ جي پروڊيوسرز سميت سمورين لاڳاپيل ڌرين سان گڏجي ڪم ڪن ته جيئن هن سال ڪڻڪ جي رڪارڊ پيداوار حاصل ڪرڻ جي لاءِ آبادگارن کي ي??ريا جي مناسب فراهمي کي ي??يني بڻائي سگهجي.