اسلام آباد – 15 جنوري (اي پي پي) ??طل??عات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته اوورسيز پاڪستانين وزيراعظم عمران خان جي قيادت تي اعتماد جو اظهار ڪندي ٻاهرئين ملڪ مان رڪارڊ مٽاسٽا جو ناڻو پاڪستان موڪليو. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اوورسيز پاڪستانين جو وزيراعظم عمران خان جي قيادت تي اعتماد جو اظهار جاري آهي. هڪ ڀيرو ٻيهر ٻاهرئين ملڪ مان مٽاسٽا جي ناڻي جو رڪارڊ ٽُٽي ويو. مٽاسٽا جي ناڻي ۾ 11.3 سيڪڙو اضافو ??يو?? جولاءِ کان ڊسمبر 6 مهينن دورا?? 15.8 ارب ڊالر جي رقم اوورسيز پاڪستانين پاڪستان موڪلي.