بيجنگ – 06 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين خ??ي جي امن، استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ گڏيل ڪوششون جا??ي رکڻ تي اتفاق ڪيو، ٻنهي ملڪن افغانستان ۾ انساني بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي برادري تي فوري قدمن تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جا??ي بيان موجب وزيراعظم عمران خ??ن چين جي صدر شي جن پنگ سان بيجنگ ۾ عظيم عوامي هال ۾ ملاقات ڪئي. اها وزيراعظم عمران خ??ن جي آڪٽوبر 2019ع ۾ چين جي دوري کانپوءِ پهرين ملاقات هئي. ٻنهي اڳواڻن پاڪ چين ٻطرفي تعاون جو تفصيلي جا??زو ورتو ۽ خوشگوار ماحول ۾ علائقائي ۽ عالمي اهميت جي گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم عمران خ??ن بيجنگ ۾ 24 هين اولمپڪ سرمائي گيمز جي ڪامياب ميزباني تي چين جي قيادت ۽ عوام کي مبارڪباد ڏني ۽ چين جي نئين سال جي شروعات تي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم عمران خ??ن واضح ڪيو ته چين پاڪستان جو ثابت قدم دوست، ڀروسي جوڳو حامي ۽ مضبوط ڀاءُ آهي، پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سدا بهار اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصي??ار?? سدائين آزمائش جو مقابلو ڪيو ۽ ٻئي ملڪ پنهنجي ويزن، خوشحالي، ترقي ۽ امن ۽ استحڪام جي گڏيل خواهش کي عملي جامعو پارائڻ جي لاءِ گڏ بيٺل رهيا. وزيراعظم عمران خ??ن چيني صدر کي عوام جي محور تي ٻڌل جيو اڪنامڪ سوچ ۽ ان جي حڪومت جي پاڪستان ۾ پائيدار ترقي، صنعتي ترقي، زراعت ۾ جدت آڻڻ ۽ علائقائي رابطن بابت پاليسين کان آگاهه ڪيو. هن پاڪستان جي سماجي ۽ معاشي ترقي جي لاءِ چين جي تعاون ۽ مدد کي ساراهيو جنهن ۾ سي پيڪ جي اعليٰ معياري ترقي مان فائدو کنيو ويو آهي. وزيراعظم سي پيڪ جي ٻئي مرحلي ۾ چيني سيڙپڪاري ۾ اضافي جي آجيان ڪئي جنهن جو محور انڊسٽريلائيزيشن ۽ عوام جي زندگي جي معيار ۾ بهتري آهي. وزيراعظم عمران خ??ن چين جي صدر کي دنيا ۾ وڌندڙ قطبيت کان آگاهه ڪيو جنهن سان عالمي ترقياتي هدف حاصل ڪرڻ ۽ اسرندڙ ملڪن جي لاءِ سنگين خ??را پيدا ٿيا آهن. هن موسمياتي تبديلي، صحت، قدرتي آفتن ۽ وڌندڙ عدم برابري جهڙن چئلينجز کي پڻ اجاگر ڪيو جن سان رڳو گڏيل قومن جي منشور جي مقصدن ۽ اصولن موجب سمورن ملڪن جي غيرمشروط تعاون کي منهن ڏئي سگهجي ٿو، ان سلسلي ۾ هن چيني صدر جي بيلٽ اينڊ روڊ ۽ گلوبل ڊيولپمينٽ انيشيٽيو کي ساراهيو جيڪو پائيدار ترقي ۽ هدفن جي ڪاميابي لاءِ گڏيل قدم قرار ڏنو وڃي ٿو. وزيراعظم ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مسلسل ظلمن ۽ هندوتوا ذهنيت تي ٻڌل آر ايس ايس، بي جي پي جي اقليتن جي خلاف ظلم ۽ ڏاڍ کي اجاگر ڪيو جيڪو علائقائي امن ۽ استحڪام جي لاءِ خطرو آهي. هن چيو ته ڀارت جي مسلسل فوج ڪشيءَ علائقائي امن جي لاءِ خطرو آهي. وزيراعظم عمران خ??ن چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ حصي??ار?? خطي ۾ امن ۽ استحڪام جو سهارو آهي. هن چين پاران پاڪستان جي خودمختياري، علائقائي سالميت، آزادي ۽ قومي ترقي جي اڻٿڪ حمايت کي ساراهيو. وزيراعظم عمران خ??ن سمورن اهم معاملن تي چين جي مڪمل حمايت جي پاڪستان جي عزم کي ورجايو. ڌرين ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان سان خ??ي ۾ معاشي ترقي ۽ رابطن کي فروغ ملندو. هنن عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها افغانستان ۾ انساني بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ افغانستان جي فوري مدد ڪري. ٻنهي اڳواڻن صنعتي، خلائي ۽ ويڪسين جي فراهمي سميت ڪيترن ئي معاهدن تي صحيحن کي ساراهيو. ٻنهي اڳواڻن نئين دور ۾ گڏيل مستقبل جي لاءِ پاڪ چين ڪميونٽي جي تعمير جي عزم کي ورجايو. وزيراعظم عمران خ??ن چين جي صدر شي جن پنگ کي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني.