اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪي ترقي لا??ِ صنعتن ۽ ڪاروبارن جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ??هي ته پاڪستان جي سياحت جي شعبي ۾ بي پناهه موقعا آهن جنهن مان ڀرپور طور تي فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي، ان سلسلي ۾ نوجوانن کي مناسبت تربيت ۽ رهنمائي فراهم ڪئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صنعت ۽ واپار سوات جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو ??نهن عدنان علي جي قيادت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ??ه صنعتون ۽ ڪاروباري ب??ادري واپاري ماپو وڌائڻ ۽ ملڪي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. صدر سوات ۾ سياحت جي شعبي ۾ ترقي جي موقعن جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ??ه سياحت جي شعبي ۾ امڪانن مان فائدو کڻي ملازمت جا موقعا پيدا ڪري سگهجن ٿا. ان سلسلسي ۾ نوجوانن کي مهمان نوازي ۽ قيام ۽ طعام جي شعبي ۾ تربيت ڏيڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ??ه حڪومت ڪامياب ج??ان پروگرام تحت ڪاروبار شروع ڪرڻ لا??ِ قرض فراهم ڪري رهي آهي، سوات جا نوجوان سياحت ۽ مهمانوازي جي شعبي ۾ پنهنجو ڪاروبار شروع ڪن ۽ موقعن مان فائدو کڻن. صدر چيو ??ه حڪومت رستن سميت بنيادي ڍانچي جي ترقي سان سياحت کي فروغ ڏيڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي جڏهن ته نوجوانن کي هنرمند بڻائڻ لا??ِ به قدم کنيا پيا وڃن، ان موقعي تي وفد صدر کي پنهنجي مسئلن جي ب??ري ۾ آگاهه ڪيو، صدر وفد کي مسئلن جي حل ۾ تعاون جي خاطري ڪرائي.