اسلام ??باد – 17 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ??نڌ هائوس هن وقت هارس ٽريڊنگ جو مرڪ?? بڻيل آهي، جنهن قسم جي آئين کان مٿانهين خريد ۽ وڪري جون منڊيون لڳل آهن ان جي خلاف مضبوط ايڪشن کڻنداسين. پي ٽ?? وي سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته ??نڌ هائوس تمام گهڻو پئسو منتقل ڪرڻ جا اطلاع آهن، ??نڌ هائوس ۾ ماڻهن کي رکڻ لاءِ صوبي کان پوليس به گهرائي وئي آهي، اطلاعات ۽ نشريات واري وزير چيو ته هن وقت ??نڌ هائوس هارس ٽريڊنگ جو مرڪ?? بڻيل آهي ۽ اهڙي طرح جون سرگرميون آئين جي خلاف آهن، هن چيو ته اسان وڏي محنت سان ان طرح جي قدمن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري ورتو هو پر بدقسمتي سان مخالف ڌر هارس ٽريڊنگ شروع ڪري رکي آهي، حڪومت ان جي خلاف مضبوط ايڪشن جي منصوبابندي ڪري رهي آهي.