اسلام آباد – 20 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريش?? چيو آهي ته اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جو 48 هون اج??اس تاريخي نوعيت جو آهي، مسلسل ٻيون ڀيرو او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل اج??اس جي ميزباني پاڪستان جي لاءِ فخر جوڳي آهي، او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اج??اس جا سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن، اج??اس ۾ ڪشمير مسئلي ۽ فلسطين مسئلي سميت مسلمان امت کي درپيش چئلينجز غور هيٺ ايندا، اسلامو فوبيا جي معاملي تي وزيراعظم عمران خان جو ڪردار تاريخي آهي. او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اج??اس جي حوالي سان تيارين جو جائزو وٺڻ جي موقعي تي نيوز ڪانفرنس ڪندي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريش?? چيو ته او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اج??اس جا سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن، پرڏيهي سيڪريٽري ۽ پرڏيهي آفيس جي ٻين عملدارن سان گڏ قومي اسيمبلي ۾ اج??اس جي انتظامن جو جائزو ورتو، سمورا انتظام اطمينان جوڳا آهن. هن چيو ته او آءِ سي سيڪريٽريٽ جا ڪيترائي عملدار اچي چڪا آهن جڏهن ته آچر جي صبح مصر جو پرڏيهي وزير پڻ اج??اس ۾ شرڪت جي لاءِ اسلام آباد پهچي چڪو آهي ۽ ان سان ٻطرفي ملاقات پڻ ٿي، اڄ سومر کان ٻين ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي آمد متوقع آهي، او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جو 48 هون اج??اس تاريخي نوعيت جو آهي، ماڻهن جي تمام گهڻي دلچسپي آهي ۽ پوري قوم جون نظرون ان تي لڳل آهن. شاهه محمود قريش?? چيو ته هڪ ٻئي پٺيان او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اج??اس جي ميزباني پاڪستان جي لاءِ تمام وڏو اعزاز آهي، اج??اس جي تفصيلي ايجنڊا آهي ۽ امت کي درپيش چئلينجز غور هيٺ ايندا جڏهن ته ڪشمير ۽ فلسطين مسئلي جي صورتحال تي پڻ خيالن ??ي ڏي وٺ ڪئي ويندي. هن چيو ته ڪشمير مسئلي ۽ فلسطين مسئلي جي حوالي سان قراردادن تي تمام گهڻو ڪم ٿي چڪو آهي ۽ اڃا ڪجهه ڪم باقي آهي، اميد آهي ته مهمان نه رڳو انهن معاملن تي پنهنجو ڪردار ادا ڪندا پر مطمئن ٿي واپس ويندا. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان او آءِ سي جو باني ميمبر آهي ۽ هن اداري کي ٺاهڻ ۾ اهم ڪردار آهي، هن اداري جي وڌيڪ بهتري جي لاءِ پاڪستان کان جيڪو ٿي سگهيو پنهنجو حصو وجهندو. هن چيو ته هلندڙ سال هن اج??اس جي اهميت اسان جي لاءِ ان لاءِ وڌيڪ آهي ڇو ته هي پاڪستان جو 75 هين آزادي ??ي ڏهاڙي جو سال آهي، جيترا پرڏيهي وزير اچي رهيا آهن، اهي 23 مارچ تي نيشنل ڊي پريڊ ۾ پڻ شرڪت ڪندا ۽ پوري قوم وڏي گرم جوشي سان انهن جو استقبال ڪندي. هڪ سوال جي جواب ۾ شاهه محمود قريش?? چيو ته اسلامو فوبيا جي معاملي تي وزيراعظم عمران خان جو ڪردار تاريخي آهي، هن سڀ کان اڳ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ پنهنجي خطاب ۾ اسلامو فوبيا جي خلاف آواز اٿاريو ۽ آخرڪار گڏيل قومن اسلامو فوبيا جي خلاف قرارداد منظور ڪئي، هر سال 15 مارچ تي اسلامو فوبيا جي خلاف ڏينهن ملهايو ويندو، مسلمان امت جي دل آزاري جي تدارڪ جي لاءِ هي وڏو قدم آهي.