اسلام آباد – 17 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ??سي??ي برادري پاڪستان ۾ تعليم، صحت ۽ دفاع سميت ??مو??ن شعبن ۾ غيرمعمولي خدمتون سرانجام ڏنيون آهن، ??سي??ي برادري سميت ??مو??ا غيرمسلمان پاڪستاني اسان جو فخر جوڳو اثاثو ۽ ??وت آهن، اسان پنهنجي غيرمسلم پاڪستانين جي ترقي، ڀلائي ۽ انهن کي آئيني حقن جي فراهمي يقيني بڻائڻ جو عزم رکون ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم محمد شهباز شريف ايسٽر جي تهوار جي موقعي تي پاڪستان ۽ سڄي دنيا جي ??سي??ي برادري کي مبارڪباد وارو پيغام ڏيندي ڪيو. وزيراعظم ??يو ته ??سي??ي برادري کي ايسٽر جي خوشين جي مبارڪباد ڏيون ٿا ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪريون ٿا. هن چيو ته حضرت عيسيٰ عه سان والهاڻي محبت ۽ عقيدت ??سي??ن ۽ مسلمانن جي وچ ۾ هڪ تمام وڏو گڏيل قدر آهي. وزيراعظم جو چوڻ هو ته ??سي??ي برادري پاڪستان قائم ٿيڻ کان وٺي تعمير پاڪستان تائين هر مرحلي تي تاريخي ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته هن تهوار تي پاڪستان جي ترقي، دنيا ۾ امن ۽ محبت جي فروغ، تڪرارن ۽ نفرتن جي خاتمي جي خصوصي دعا جي اپيل ڪريان ٿو.