اسلام آباد – 10 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته اي آر وائي جنهن معاهدي تي صحيحون ڪيون اهو واڪ واري ڪانٽريڪٽ کان مختلف هو، اصل واڪ جي نتيجي ۾ اي آر وائي ٻئي نمبر تي هو، اهو سڌوس??ئو?? فراڊ هو. پي ٽي آءِ جي اڳواڻ فواد چوڌري جي ٽوئيٽ تي ردعمل جو اظهار ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اصل واڪ جي نتيجي ۾ اي آر وائي ٻئي نمبر تي آيو، ??ي ٽي وي غ??رق??نوني طور تي اي آر وائي سان سودو ڪيو، ??ئي نمبر تي اچڻ تي واڪ ۾ بهتري آڻڻ جي گهرج ڪئي وئي، ناڪامي تي اي آر وائي کي ٺيڪو ڏيڻ جي لاءِ معيار ئي تبديل ڪيو ويو. هن چيو ته اي آر وائي جنهن معاهدي تي صحيحون ڪيون اهو واڪ واري ڪانٽريڪٽ کان مختلف هو، اهو سڌوس??ئو?? فراڊ هو، توهان هينئر کان ئي گهٻرائي ڇو ويا آهيو؟