اسلام آباد – 13 – جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ايراني پرڏيهي وزير ڊاڪٽر امير عبدالهيان جي دعوت تي اڄ اڱاري ڏينهن ايران جو پهريون سرڪاري دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري دوري دوران پنهنجي ايراني هم منصب سان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪندو، هو ايران جي صدر سان ملاقات کانسواءِ مل?? جي ٻين اهم شخصيتن سان به ملاقات ڪندو. پرڏيهي وزير 15 جون تي مشهد جو دورو ڪندو، پاڪستان ۽ ايران وفدن جي سطح تي ٿيندڙ ڳالهين دوران ٻطرفن لاڳاپن جي سمور?? رخن جو جائزو وٺندا جنهن ۾ واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپا، ايران کان بجلي جي فراهمي، سرحدي غذائي منڊين، روڊ ۽ ريل رابطي ۽ زائرين جون سهولتون شامل آهن، ٻ??ي مل?? ڳالهين ۾ علائقائي سلامتي جي صورتحال جو به جائزو وٺندا جنهن ۾ خاص طور تي افغانستان سميت ڏکڻ ايشيا جي مجموعي صورتحال سان گڏوگڏ اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ تي ڌيان ڏنو ويندو، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جو ايران جو دورو ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي جي باقاعدي مٽاسٽا جو حصو آهي، ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ آخري ملاقات 26 مئي تي ڊيووس ۾ ورلڊ اڪنامڪ فورم جي اجلاس جي موقعي تي ٿي هئي، پاڪستان ۽ ايران گڏيل جاگرافيائي، ثقافتي وابستگين ۽ تاريخي رابطن جي بنياد تي ويجهي عوامي لاڳاپن ۾ ڳنڍيل آهن، هي ڀائراڻا لاڳاپا سراسري اعليٰ سطحي مٽاسٽا جي ذريعي وڌيڪ مضبوط ٿيا آهن، ٻنهي مل??ن 2022ع ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 75 هين سالگرهه ملهائي رهيا آهن.