اسلام آباد – 27 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي هڪ نجي انشورنس ??مپني کي پنهنجي صارف کي 21 لک رپيا باهه جي انشورنس ادا ڪرڻ جي هد??يت ۽ بدانتظامي ڪندڙ قرار ڏيندي وفاقي انشورنس محتسب جي فيصلي جي خلاف ايشيا انشورنس ??مپني جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته ڪمپني باهه لڳڻ وقت آتشزدگي انشورنس ??ي لاڳو هجڻ کي تسليم ڪي?? جڏهن ته ڪمپني باهه سبب ٿيندڙ نقصان جو تعين ڪرڻ جي لاءِ سروي رپورٽ جا نتيجا به تسليم ڪيا آهن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته شارٽ سرڪٽ سبب لڳندڙ باهه سبب اٽڪل 21 لک رپين جو نقصان ٿيو، جڏهن ته صارف کي جائز رقم ادا نه ڪئي وئي. تفصيل موجب انشورنس ??مپني لاهور ۾ طحيٰ محد انٽرپرائيز کي باهه لڳڻ جي وقت انشورنس پاليسي جو لاڳو نه هجڻ جو بهانو بڻائي ادائيگي کان انڪار ڪي??، جنهن تي شڪايت ڪندڙ انصاف حاصل ڪرڻ جي لاءِ وفاقي انشورنس محتسب وٽ اپيل داخل ڪئي. محتسب شڪايت ڪندڙ جي دعويٰ کي تسليم ڪي?? ۽ ڪمپني کي 30 ڏينهن ۾ ڪليم ادا ڪئي جيتوڻيڪ انشورنس ??مپني فيصلي جي تعميل ڪرڻ بدران صدر کي درخواست ڏني، جنهن کي صدر رد ڪري ڇڏيو آهي. صدر نجي انشورنس ??مپني کي پنهنجي صارف کي باهه لڳڻ جي انشورنس ??ليم ادا ڪرڻ جي هد??يت ڪئي آهي.