لاهور – 12 – آگسٽ (اي پي پي) منهاج القرآن وومين ليگ جي اهتمام هيٺ 75 هين ??زادي جي ڏهاڙي جي حوالي سان تحريڪ پاڪستان جي عورتن جي ڪردار جي عنوان سان تقريب اڄ مرڪزي سيڪريٽريٽ ۾ منعقد ٿيندي. تقريب ۾ ت??ريڪ پاڪستان ۾ حصو وٺندڙ عورتن کي خراج تحسين پيش ڪيو ويندو. تقريب ۾ سينيئر اڳو??ڻ مهناز رفيع، چيئرمين پوليٽيڪل ڊپارٽمينٽ پنجاب يونيورسٽي ڊاڪٽر ارم خالد، پاڪستان تحريڪ انصاف جي رخسانه نويد، صوبائي اسيمبلي ميمبر محترمه فاطمه جناح جي ويجهي ساٿي شمسه علي ايڊووڪيٽ، اڳوڻي سيڪريٽري لاهور بار ايسوسيئيشن سينيئر قانوندان سيده فيروزه رباب، صوبائي اسيمبلي ميمبر پاڪستان تحريڪ انصاف زينب لوڌي ايڊووڪيٽ سميت تحريڪ منهاج القرآن جون مرڪزي، صوبائي، ضلعي اڳواڻ ش??ڪت ڪنديون.