اسلام آباد – 01 – سيپٽمبر (اي پي پي) ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ انساني امداد جي تسلسل ۾ گڏيل عرب امارات کان هڪ ٻيو جهاز امدادي سامان کڻي ڪالهه خميس ڏينهن پاڪستان پهچي ويو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب امدادي سامان کڻي ايندڙ جهاز جو ڪراچي جي جناح انٽرن??شن?? ايئرپورٽ تي محنت واري صوبائي وزير سعيد غني استقبال ڪيو. اها متحده عرب امارات کان ??يندڙ اٺين اڏام آهي، جيڪا تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کان متاثر پاڪستاني عوام جي لا??ِ امدادي سامان کڻي آئي آهي. ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب پيدا ٿيندڙ تباهي آڻيندڙ صورتحال تي ضابطو آڻڻ جي لا??ِ پاڪستاني عوام سان ??عاون ۽ يڪجه??ي تي پاڪستان متحده عرب امارات جي حڪومت ۽ عوام جو ٿورائتو آهيان.