اسلام آبا?? – 17 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف پاڪ فوج جي سربراهه جنر?? قمر جاويد باجوه کي گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان پاران آرڊر آف دي يونين ميڊل ملڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته آرمي چيف جنر?? قمر جاويد باجوه کي آرڊر آف دي يوني?? جو ميڊل ملڻ نه رڳو سندس لاءِ پر پاڪستان جي لاءِ به هڪ اعزاز آهي. وزيراعظم چيو ته ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا مضبوط کان مضبوط ٿيا آهن.