گابڪوچ – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گلگت بلتستان جي دوري دوران جمعي ڏينهن غذر ضلعي ۾ ٻوڏ کان متاثر ٿيندڙ خصوصي صلاحيتون رکندڙ هڪ اهڙي ٻارڙيءَ سان ملاقات ڪئي، جنهن تازي ٻوڏ دوران پنهنجي ماءُ، 6 ڀينرن ۽ ڏاڏيءَ کي وڃائي ڇڏيو. وزيراعظم ٻارڙيءَ جي مٿي تي شفقت جو هٿ رکيو ۽ ٻارڙي ج?? والد کي ڳلي لڳائي تعزيت ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم ٻارڙيءَ سان ڳالهه ٻولهه ۾ چيو ته توهان جي ڏک کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ م??ڪن نه آهي، ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ پوري قوم توهان سان گڏ بيٺل آهي. وزيراعظم غذر ۾ ٻوڏ متاثرين سان پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ بار بار ٻارڙي جي ڏک ۽ ڪ??ڀ جو ذڪر ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم ٻارڙي جي تعليم ۽ علاج جي لاءِ 50 لک رپين جي رقم جو اعلان ڪيو ۽ هدايت ڪئي ته ٻارڙيءَ جي نالي تي اينڊومنٽ فنڊ قائم ڪيو وڃي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ٻارڙي جي عل??ج لاءِ هر م??ڪن وسيلا استعمال ۾ آندا وڃن.