ڊي آءِ خان – 07 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي ڊي آءِ خان دوري ۾ ساگو پل تي ڪم جي رفتار جو معائنو ڪيو ۽ منصوبي تي تيز رفتاري سان ڪم ڪرڻ تي لاڳاپيل عملدارن جي خدمتن کي ساراهيو. وزيراعظم پنهنجي دوري ۾ پل جي مختلف حصن جو دورو ڪيو ۽ اتي ڪم جي رفتار جو جائزو پڻ ورتو. پل معائني جي موقعي تي جمعيت علماءِ اسلام (ف) جو مرڪزي ??مير مولانا فضل الرحمان، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، مواصلات وارو وفاقي وزير مولانا اسعد محمود ۽ وزيراعظم جو صلاحڪار انجنيئر امير مق??م پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا. ان موقعي تي وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته منصوبي تي ڪم تيزي ??ان جاري آهي ۽ پل کي جلد ٽريفڪ جي لاءِ کوليو ويندو. وزيراعظم ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ مواصلاتي ۽ رستن جي بنيادي ڍانچي جي منصوبن کي مڪمل ڪرڻ ۾ پاڪ فوج جي ڪردار کي ساراهيو. وزيراعظم اتي خيمن ۾ رهندڙ ??وڏ متاثرين کي پڻ هٿ هلايو. واضح رهي ته ڊي آءِ خان ۾ تازي ??وفاني برسات سان پل لڙهي وئي هئي. تازي ٻوڏ کانپوءِ وزيراعظم جو ڊي آءِ خان جو هي ٻيو دورو آهي ان کانسواءِ هن ٽانڪ، نوشهره، چارسده، سوات ۽ ڪوهستان جو دورو ڪيو جتي هن ذاتي طور تي ريسڪيو ۽ ريليف آپريشنز جو معائنو ڪيو.